ڪراچي (بيورو رپورٽ) سڄاڻ عورتن مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عورت عملي جي مقرري يقيني بڻائي. عورتن جي سيٽن ۾ اضافو ڪري ـ برابري جا حق ڏنا وڃن ـ ڪالھ عورت فائونڊيشن پاران ڪوٺايل پيپلز اسمبلي ۾ خطاب ڪندي عورتن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ سماجي اڳواڻ مھناز رحمان چيو ته عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان پوئتي ناھن ـ سياسي جماعتن جي اختلافن باوجود عورتن جي مسئلن تي سمورين سياسي پارٽين جون عورتون ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ٿيون. ايم پي اي رعنا انصار چيو ته عورتن چي حوالي سان ايم ڪيو ايم وڌيڪ ڪم ڪيو آھي. سينيئر ڊپثي ڪنوينر نسرين جليل آھي. اسانجي منشور ۾ اھي ڪارو ڪاري جو خاتمو شامل آھي. اسمڀلي ۾ 168 جي ايوان ۾ آئون پارلياماني ليڊر آھيان مونکي فخر آھي. غزالا سيال چيو ته پ پ جي منشور تحت عورتن کي سدائين ٻين سڀني کان وڌيڪ اھميت ملي آھي. پھرين وومين پوليس اسٽيشنز ـ فرسٽ وومين ڀينڪ سمصت ٻيا ادارا پ پ قائيم ڪيا ـ اسمبلي ۾ پ پ جون ڪيتريون ئي عورتون جنرل سيٽن تي ڪامياب ٿي آيون آھن۔ اسين اسمبلي ۾ عورتن جي لاءِ آواز اٿاريون ٿا. ايم پي اي منگلا شرما چيو ته ڪنهن به سياسي جماعت جي ڪور ڪميٽي ۾ اقليت جا ماڻهو نٿا ملن ـ ھتي ته ڪنهن اقليت سان تعلق رکندڙ تي ڪا خاص نوازش ٿئي ٿي ته انھن کي اقليتن جي ئي وزارت ڏني وڃي ٿي ـ جماعت اسلامي جي اڳواڻ طيبا عاطف چيو ته گذريل 30 سالن کان اسٽريٽ چلڊرين لاءِ ڪم ڪيو ۽ اڄ 150 اسڪول پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ قائم آھي۔ جماعت اسلامي عورتن چي حوالي سان اھم ڪم ڪيو آهي. ھن وقت لاعلمي جي غربت عروج تي آھي ـ ان موقعي تي تحسين شيخ، ريحانا افروز، ملڪا خان، سائينا حسين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
