ملير(ڊ ر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو سکر مان نڪتل سنڌ بحالي مارچ سنڌي مسلم سوسائٽي کان اڳئين منزل لاءِ روانو، پيادل مارچ جي ماروي ڳوٺ، قائدآباد، ملير ڪورٽ، ملير 15 ۽ ٻين هنڌن تي شاندار استقبال، ملير بار جي وڪيلن پاران مارچ ۾ شريڪ اڳواڻن کي گلن جا هار ۽ اجرڪ اوڍايا، سنڌي مسلم سوسائٽي کان نڪتل مارچ بلوچ ڪالوني پهچي ويو، مارچ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي چيئرمين سيد جلال شاهه جي شرڪت، مارچ اڄ 19 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب پهچندو جتي مُک جلسو ڪيو ويندو، مارچ ۾ اظهار يڪجهتي طور انڊيجيئسن رائٽس الائنس جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، جسقم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ شريڪ، ملير ڪورٽ پهچڻ تي اي جي پي پارٽي جي اڳواڻ ۽ ملير بار جي وڪيل اياز چانڊيو، محمد خان شيخ، محمد اشرف سمون، لطف الله سيلرو، اڳوڻو صدر رزاق سولنگي، ايڊوڪيٽ بادشاه وزير، غلام رسول سوهو، بيئريسٽر عبدالجبار شيخ ۽ ٻين وڪيلن پاران مارچ ۾ شامل اڳواڻ روشن ٻرڙو، جڳديش آهوجا، رخسانا هاليپوٽو، امير آزاد پنهور، سيد خدا ڏنو شاهه سميت گلن جا هار، اجرڪون اوڍايون، ان موقعي تي اي جي پي اڳواڻ ايڊوڪيٽ اياز چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار ملي ڀڳت ڪري سنڌ کي تباهي جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي ماڻهن کي اقيلت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي جلسي ۾ عوام کي گڏ ٿيڻ گهرجي، ملير بار جا وڪيل ڪراچي ۾ ٿيندڙ اڄوڪي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت پڻ ڪندا جنهن بعد مارچ بلوچ ڪالوني ڏانهن روان دوان ٿي ويو.
