توشه خانه ڪيس، عمران خان پيش نه ٿيو، عدالت حڪم تي گاڏي ۾ ئي حاضري لڳائي واپس

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ گاڏي ۾ ئي عدالت ۾ پيشي لاءِ حاضري لڳائي جڊيشل ڪامپليڪس کان روانو ٿي ويو. عمران خان جي گاڏي جڊيشل ڪامپليڪس پهچڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو به وڏو انگ پهچي ويو ۽ انهن عدالتي احاطي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ لٺبازي ڪئي وئي. شبلي فراز ۽ فرخ حبيب به پوليس جي لٺبازي جي وڪڙ ۾ اچي ويا، پوءِ شبلي فراز کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ عدالت جي چوڻ تي کيس ڇڏيو ويو. عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪندي چيو ته ٻڌايو اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪجي، عمران خان کي گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري لڳائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جي گاڏي ۾ حاضري لڳائڻ جي اپيل منظور ڪندي چيو ته عمران خان کان گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري جون صحيحون ورتيون وڃن. ڪارڪنن طرفان جڊيشل ڪامپليڪس کان ٻاهر نه وڃڻ تي عمران خان گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري لڳائي واپس هليو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪن عدالت ٻاهران لڳايل بيريئر ٽوڙي ڇڏيا ۽ هڪ گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي.پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان جي حاضري جون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، عمران خان حاضري لڳائڻ بعد واپس ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں