ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل چئن پنجن ڏينهن کان پاڪستان ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي, جيڪي 75 سالن ۾ نه ٿيو آهي، جيڪو شخص پرڏيهي ملڪن جي مدد سان ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪري رهيو آهي ان کي عدالتن مان آئوٽ آف وي رليف ڏنو پيو وڃي، عمران خان لاءِ جمعو بازار لڳايو ويو آهي، جنھن کي باءِ ون گيٽ نائن پيڪيج ڏنا پيا وڃن، پر ملڪ جي آئين ۽ ايٽمي طاقت جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏيندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ عدالتن وٽ وقت ناهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس گذريل 10 سالن کان التوا جو شڪار آهي. جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي مقدمي جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿيندي رھي ٿي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عدالتن کان رليف نه پر انصاف چاهي ٿي. انهن ٻنهي ڪيسن ۾ عدالتون جيڪي به فيصلو ڪن، اسان کي قبول آھي. ھن مطالبو ڪيو ته انهن ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنيادن تي ڪئي وڃي . اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت رھي آھي آمريت بہ رهي آهي، جيڪو به نظام هوندو هو اهو ظاهر نظر ايندو هو. ھن چيو ته چئن ڏينهن کان انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس جو ڪھڙو حشر ڪيو ويو. پوليس تي ڏنڊا وسايا ويا گليل ھنيا ويا ۽ پيٽرول بم اڇلايا ويا. هن چيو ته پنجاهه کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، ڇا اهي معصوم سپاهي ڪنهن جي اولاد ناهن . هن چيو ته عمران خان عوام کي اپيل ڪئي ته هو زمان پارڪ پهچي. هن ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن عوام کي زمان پارڪ نه آندو ويو انهن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏيندو. هن چيو ته عمران خان پاڪستانين کي پيغام ڏنو آهي ته هو سڀ کان وڏو بدمعاش ۽ غنڊو آهي. عمران خان سمجهي ٿو ته کيس آئين ۽ قانون تحت نٿو سڏائي سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ڪهڙيون روايتون قائم ٿي رهيون آهن، سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته جنهن ملڪ کي هن موڙ تي پهچايو آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته کيس ضمانتون به ڏنيون پيون وڃن، عمران خان کي ڪلين چِٽ ڏني وئي آهي. جڏهن ته فورسز جا هٿ پير ٻڌا پيا وڃن. هن چيو ته ڪنهن به نه ڏٺو ته عدالتن پاران عمران خان کي چيو ويو هجي ته هو پنهنجي ڪارڪنن کي ڪنٽرول ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو پنج ڏهه يا پنجاهه هزار ماڻهن کي ڪڍڻ پيپلز پارٽي جي لاءِ ڪو به مسئلو ناهي. هن چيو ته دنيا کي پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي قانون ئي ناهي ۽ هڪ شخص جي بدمعاشي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته عمران خان کي هر هر رليف ڏنو پيو وڃي.ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن جيل ڪاٽيا آهن پر گرفتاري جي خوف کان عمران خان ڊراما ڪري رهيو آهي، پوري رياست کي يرغمال بڻايو ويو. اهو سڄي ملڪ لاءِ بدنامي جو سبب آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته سندن لاءِ ٻه ڪيس اهم آهن، پهريون ڪيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس آهي، جيڪو گذريل 10 سالن کان التوا جو شڪار آهي، عدالتن وٽ ان ريفرنس کي ٻڌڻ جو وقت ناهي. فاضل جج صاحبان وٽ آئين ۽ ايٽمي طاقت جي خالق لاءِ وقت ناهي پر لاڊلي لاءِ عدالتون صبح ۽ شام کلي وڃن ٿيون. ھن چيو تہ ٻيو ڪيس شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڪيس آهي، جنهن جي ٻڌڻي نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن پيشي ٿئي ٿي ته پوءِ رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪري ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وڃي ٿي .ھن چيو ته ٻن اڳوڻن چونڊيل وزيراعظمن جي ڪيسن جي اها صورتحال آهي.
