روهڙي(ن س) روهڙي جي بينظير انڪم سپورٽ آفيس ٻاهران متاثر عورتن جو احتجاجي مظاهرو، مظاھرو ڪندڙ عورت ، زرينه پل، شاھدان پروين، نجمه خاتون تارا ڀائي، ۽ ٻين الزام مڙھيندي چوڻ آهي ته روھڙي بينظير انڪم سپورٽ آفيس ۾ رشوت جي بازار گرم آهي ھر عورت کان رشوت وٺي فارم ڀريا پيا وڃن يا سياسي سفارش رکندڙ عورتن جا فارم فل ڪري انهن کي پئسا وٺي ڏين ٿا، عورتن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان لاڳيتو 8 ڏينهن کان بک ۽ اڃ تي آفيس جا چڪر ڪاٽي رھيا آھيون، آفيس جو عملو بدتميزي سان پيش اچي ٿو ۽ آفيس مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي عورت جي تذليل ڪري رھيا آھن، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي رشوت خور عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري غريب مسڪين ۽ بيواھ عورتن جا سروي فارم ڀري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مدد ڪري انهن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.
