سنڌي ادبي بورڊ پاران ڍڳي وارو لوگو هٽائڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد(نمائندن وٽان) سنڌي ادبي بورڊ پاران ڍڳي وارو لوگو هٽائڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت طرفان حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو، راڻيپور، اڏيرو لال ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ تاج جويو، سليم چنا، هيمن چنداڻي، نظير ملڪاڻي، گلشير ڪوريجو، ڄام شورو ۾ منظور احمد ابڙو، بابو سومرو، سجاد آلکاڻي، سرور خاصخيلي، ديدار شام، منگل پريتم، نوابشاهه ۾ شاھنواز خاصخيلي، منور سراج، بخشل باغي، ستار سندر، امداد رند، مختيار جمالي فياض چنڊ ڪليري، مزمل چانڊيو، مير حسن لاشاري، محبوب قادري، رحيم لاشاري، ساگر بلاول، منظور گل ڀنگوار علي سراج،عنايت چانڊيو سهراب تنيو، سکر ۾ مجيد نواز مغل، سردار پيرزادي، ادل سومريم ممتاز بخاري، رحيم بخش مھر، ضياء ڀٽي، دلبر ڀٽو، اسد چاچڙ، بيخود بلوچ، عتيق سومري، لاڙڪاڻي ۾ استاد گل دايو، مصور منگي، زاهد حسين جوڻيجو، روشن ٽوٽاڻي، شهمير سومرو، راڻيپور ۾ پروفيسر بشير جانوري قربان گل چنه،  عبدالرحيم سولنگي، رضا راڄپر ،قربان ميمڻ، عرفان حيدر، جواد حسين  ڄامڙو، جعفر راڄپر، مشتاق مغل، شيخ شڪيل، اڏيرولال ۾ حاجي غلام حيدر خاصخيلي، شاد شڪور، عاجز ڇٽو، اعجاز ٻرڙو، خالد ميرالي، عبدالغفور، ذوالفقار خاصخيلي، عبدالجبار ڇٽو، جاويد علي بڙدي، صدام حسين بلوچ، مٺو ميگهواڙ، يوسف خاصخيلي، محمد صفر جت ۽ ٻين احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو هڪ علمي ۽ ادبي ادارو آهي، هن اداري پاران ڍڳي وارو تاريخي لوگو 1957ع کان استعمال ۾ آندو ٿي ويو، سنڌي قوم پنھنجي سنڌي تھذيب، ثقافت ۽ سڀيتا سان محبت رکي ٿي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي، ڍڳي وارو تاريخي لوگو ھٽائي تاريخ سان ھٿ چراند ڪئي وئي آهي، سنڌي ادبي بورڊ جو تاريخي ڍڳي وارو لوگو بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں