محمد اسماعيل ميرجت
تاريخ ڪڏھن ڪڏھن اھڙن ماڻھن کي جنم ڏيندي آھي. جيڪي ھڪ فرد نه پر ادارو بڻجي سماج ۽ قوم جي بھتري لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھن ٿا. سيد زين شاھ به اھڙن ماڻھن مان آھي ۽ عملي طرح ميدان ۾ آھي سيد زين شاھ ھونئن ته گھڻي رخي شخصيت آھي. سندس ڪم يا اثر زندگئ جي گھڻن پاسن تي رھيو آھي.ھو انتھائي درجي جو ڦڙتيلوآھي ڪڏنھن به مايوس نه ٿيندڙ زندگي جي ھر پل کي سجاپو ڪري جيئندڙ آھي جيئن باھو چيو آھي “جو دم غافل سو دم ڪافر سانو مرشد اي سکايا ھو “ ھي ارڏو شخص ٻالڪ پڻ کان ئي احتجاجي ۽ مزاحمت جو جلوو آسمان کي ڇھڻ جو حوصلو آھي. سائين زين شاھ ھڪ اھڙو سپھ سالار آھي، جنھن جي ھڪ ھٿ ۾ ڪتاب ٻئي ھٿ ۾ قلم ۽ زبان تي سڄاگي جو اڀ ڏاريندڙ سڏ آھي وقت جو فخر آھي لائق فاتح آھي گھڻن کي وقت ھلائيندو آھي پر ھي وقت کي ھلائيندو آھي.سائين زين شاھ رڳو اجپي جو خوبصورت گيت نه پر ان اجپي جي حاصلات جون سموريون ھڪمت عمليون رکندڙ ھلندڙ ڦرندڙ ڪتاب لکندڙ قلم ۽ عظيم مقرر آھي، جن ماڻھن مارڪس، لينن، مائوزئبتگ، لطيف، شيڪسپيئر، ھوچي منھ، ياسر عرفات، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين انقلابي شخصيتن کي اکين سان نه ڏٿو آھي سي سائين زين شاھ ۾ انھن عظيم شخصيتن جا گڻ ڏسي پسي سگھن ٿا. سنڌ جي خوشحالي، وطن جي حفاظت ۽ پنھنجي ڌرتي تي خود مختياري لاءِ 25 فيبروري تي سکر کان ڪراچي تائين پيادل سنڌ مارچ شروع ڪيو آھي. ان سنڌ مارچ کي سنڌ جي ھارين مزدورن، شاگردن، استادن، اديبن، صحافين ۽ ھر ننڍي وڏي ڳوٺن، رستن، شھرن ۾ تمام ڳھڻي موٽ ڏني آھي، وک وک تي گلن ۽ اجرڪن سان مارچ ۾ شامل عورتن، بزرگ سائين زين شاھ، روشن ٻرڙو، امير آزاد پنھور، جڳديش آھوجا جو تمام شاندار استقبال ۽ پيار ملندو رھيو آھي ۽ سنڌ مارچ جوش جذبي سان سنڌ جي عشق ۾ پنھنجي ايمان جي مطابق پنھنجي پروگرام مطابق منزل ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي واھڻ، وسطين، ڳوٺن، پيچرن ۽ ننڍن وڏن شھرن کي ڪاھيندو ڪاھيندو ڪراچي ۾ پھتو آھي سائين زين شاھ لانگ مارچ ڪري قوم ۾ سجاڳي جي لھر پيدا ڪئي آھي سنڌ دشمن قوتن کي منظر عام تي آڻي ظاھر ڪيو آھي سنڌ مارچ ذريعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي سنڌ جي شعور جي شمع روشن ڪرڻ لاءِ پاڻ پتو ڙيو آھ ۽ سنڌ ڪشمور کان ڪراچي تائين جاڳي پئي آھي SUP جو لانگ مارچ تقريبن 6 سوڪلو ميٽر جو پنڌ ڪري چڪو آھي ۽ پنھنجي منزل جي قريب ٿيو آھي پر ڪجھ اردو چينل مارچ کي ھڪ سيڪنڊ جي به ڪوريج نه ڏئي رھيا آھن اسان کي خبر آھي اردو چينل ڪٿان ڪنھن جي چوڻ تي ۽ ڪيئن ھلندا آھن انھن ھلائيندڙن کي وارننگ ٿا ڪيو ته پنھنجو قبلو درست ڪيو ۽ ھاڙي گھڻو برداشت ڪيو سين نت اوھان کي سنڌ ۾ ڪٿي به لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. سنڌ مارچ جو مقصد سنڌ ۾ ودندڙ مھانگائي سنڌ جي وسيلن تي قبضا سنڌ جي جاگرافيائي سان ھٿ چراند، سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ بد ديانت حڪمراني ۽ سنڌ ۾ بي وقتي ڊجيٽل آدم شماري ڪرائڻ جي خلاف SUP جي ھن لانگ مارچ جو ساٿ ڏيو مڙي مٽ ٿيو. سنڌ مارچ جو قافلو 19 تي ڪراچي پريس ڪلب پھچندو جيڪو تمام عظيم عليشان ۽ تاريخي جلسي جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو جنهن کي مرڪزي قيادت سيد سائين زين شاھ به خطاب ڪندو سنڌ جي ھزارين غيرت مند ڀائر، بزرگ ۽ ڀينرن کي عرض ڪندس ته اچو قوم جي وجود جي بقا لاءِ سنڌ مارچ جو سنڌ جي راڄداني، سنڌ جي دل ۽ مورڙيءَ جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ شاندار استقبال ڪريون ثابت ڪيون ته سنڌ وطن جا وارث آهيون ۽ ھن جدوجهد جي ميدان تي ھميشه سنڌ سان سچائي جو ثبوت ڏيندا ھئاسين.
