شھدادڪوٽ (رپورٽ: جاويد اختر ڪمبوھه ) شهدادڪوٽ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري خلاف مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ ليبر ھال کان احتجاجي مارچ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي پھچي ڌرڻو هنيو ويو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته بنا شناختي ڪارڊ جي هلندڙ آدمشماري سنڌ خلاف سازش آهي. ڊجيٽل آدمشماري هڪ مخصوص گروه کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪرائي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. آدمشماري ۾ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. آدمشماري وقت اڳ ڪرائي پئي وڃي. هن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ کي پنهنجا حق نه پئي ڏئي. سنڌ جا ماڻهو برسات ۾ متاثر ٿيا جيڪي اڃا تائين بي گهر آهن. وفاقي سرڪار سنڌ جي ماڻهن کي ڪو رليف ناهي ڏنو. اسان مهانگائي جو خاتمو چاهيون ٿا، ملڪ اندر سياسي ۽ معاشي بحران آهي پر موجوده سرڪار سنجيده نظر نه پئي اچي، حڪومت جي غير سنجيدگي ملڪ لاء نقصانڪار آهي. ڪامريڊ قادر بخش سيلرو، ڪامريڊ محبوب حيدر، عرس سيلرو، احمدنواز انقلابي، ولي محمد برهماڻي, وهاب پندراڻي، ڪامريڊ ستار، غلام علي سيلرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. احتجاج ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
