قومي ٻولي ڪميشن قائم ڪري آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميمون ڪيون وڃن: ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: نصرالله جمالي ) ٻولي ڪانفرنس ۾شرڪت ڪندڙ اديبن، شاعرن ، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن گڏيل طور تي مطالبو ڪيو آهي ته قومي ٻولي ڪميشن قائم ڪري آئين جي آرٽيڪل 251 ۾سڌارن سميت آئين ۾ترميمون ڪيون وڃن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان قومي ٻولي بل پاس ڪري سنڌي ٻولي سميت چئني وفاقي صوبن جي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. تفصيلي خبر موجب ڪراچي پريس ڪلب ۾ علي ايونٽ مينيجمنٽ پاران پروان پبليڪيشن جي سهڪار سان سنڌي ٻولي سميت پاڪستان ۾ شامل چئني صوبن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ ٻولي ڪانفرنس ٿي گذري . ڊاڪٽر شير مهراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل ٻولي ڪانفرنس ۾ ترقي پسند دانشور ۽ صحافي پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان خاص مهمان طور شريڪ هو. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا ، پنجابي ٻولي جو ناميارو ليکڪ اديب توقير چغتائي ، ڊاڪٽر اصغر دشتي ۽ سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر رکيل مورائي سميت علمي ادبي شخصيتن ۽ صحافين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. نامياري شاعر امتياز دانش ميزباني جا فرض سرانجام ڏنا . ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته دانشور ، اديب ، شاعر ۽ صحافي ٻولي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ، قومي ٻولين جو اردو ٻولي سان ڪوئي ٽڪراءُ نه آهي ، پاڪستان گهڻ قومي رياست آهي ۽ وفاق ۾ شامل قومن کي اهو حق حاصل آهي ته اهي پنهنجي قومي زبان کي صوبي ۾ لاڳو ڪن ، جنهن سان ملڪ کي يا اردو زبان کي ڪوئي نقصان نه ٿيندو . پر ان سان وفاق ويتر مضبوط ٿيندو . ڇو ته ٻولي تحريڪ کي روڪي وفاق کي نقصان ڏنو ويو آهي، اهو اسان جو حق آهي ته پنهنجي ٻارن کي مادري زبان ۾ تعليم ڏياريون ، گڏيل قومن جي اداري پاران پڻ اهو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو آهي جنهن تي پاڪستان جي رياست کي عمل ڪرڻ گهرجي. سڄي دنيا ۾ 6 هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ، جڏهن ته پاڪستان ۾ 70 ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن ، اهو انگ ڪجهه سال پهريان 72 هيو پر 2 ٻوليون پنهنجو وجود برقرار نه رکي سگهيون ، ٻولين جو صدين جو سفر آهي پر اسان پاڻ پنهنجي ٻولين کي ماري رهيا آهيون . هن مطالبو ڪيو ته ٻولين بابت قومي ڪميشن ٺاهي چئني صوبن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي .سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا خطاب ڪندي چيو ته اسين سوچي رهيا آهيون ته ٻولين جي حوالي سان قومي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، قومي ٻولين جو بل پاس ڪرائڻ جي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت آهي، تڏهن ئي ٻولين جو بل پاس ٿي سگهندو . هن چيو ته پنجاب مان چونڊجي ايندڙ ميمبر جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو ته هڻندا آهن پر هو پنجابي ٻولي جي ڳالهه نه ٿا ڪن . ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان چيو ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي قومي ٻولين کي دٻائڻ جو سلسلو جاري آهي ، ان کي ننڍي کنڊ جي تاريخ سان جوڙڻ جي ضرورت آهي ، ڇو ته هتي مذهبي جنون جي نتيجي ۾تقسيم جي فضا قائم ڪئي وئي ۽ مسلمانن جي نالي تي الڳ ملڪ ٺاهيو ويو ، اتان کان ٻولين جي ٽڪراءَ جو مسئلو اٿي پيو جيڪو هڪ فطري عمل هيو . اها حقيقت مڃڻي پوندي ته حڪمران طبقن قومن جي استحصال جي لاءِ ٻولين کي استعمال ڪيو آهي ، هي ملڪ رڳو بيوڪريٽ ۽ هٿياربردارن جي لاءِ ٺاهيو ويو هيو جنهن جي ڪري اقتداري ڌرين جي ڌرتي ڌڻين جي ٻولين سان ڪا به دلچسپي نه هئي. هن چيو ته سنڌي ٻولي سان تمام گهڻي زيادتي ٿي آهي ، جنرل ٽڪا خان سنڌي ٻولي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي جنهن سنڌ کي ٻن حصن ۾تقسيم ڪرڻ جي هڪ حربي جي طورتي استعمال ڪيو . هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مادري ٻولين جو بل پيش ڪيو ويو پر سڀني جماعتن ٻولي بل جي مخالفت ڪئي. اسان جو مطالبو آهي ته ٻارن کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي . ڇو ته هاڻ گلوبلائيزيشن جو دور هلي رهيو آهي ۽ ٻولين کي شديد خطرا آهن ، مادري ٻولين کي ٽيڪنالوجي تي محفوظ ڪرڻ ۽ عام واهپي جي زبان بڻائڻ سان ئي ٻوليون بچي سگهنديون . شاعر رکيل مورائي چيو ته ٻولي مامري تي سياست ڪرڻ بجاءِ ٻولي سان محبت ڪئي وڃي ، سنڌ جا اديب ٻولي تي سياست قبول نه ڪندا . سياستدانن کي پنهنجي ٻولي سان ائين محبت ڪرڻ گهرجي جئين شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻولي سان محبت ڪئي ، ڀٽائي عربي ، فارسي سميت ٻين ٻولين جو وڏو ڄاڻو هيو پر هن شاعري سنڌي ٻولي ۾ڪري محبت جو مثال قائم ڪيو . پر اڄ جي دور ۾ اسان جي وچولي مڊل ڪلاس طبقي سنڌي ٻولي کي وساري ڇڏيو آهي، شهرن ۾رهندڙ مڊل ڪلاس سنڌي ٻولي کان پري ٿي ويو آهي ، گهرن ۾سنڌي نه ٿي ڳالهائي وڃي هو سنڌي ڳالهائيندي لڄي ٿين ٿا جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. مڊل ڪلاس طبقو پنهنجي ٻولي کي بچائن لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ پنهنجي ٻارن کي سنڌي ٻولي ۾تعليم ڏياري . ان موقعي تي توقير چغتائي چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ ڪانفرنس تي جس ڏيان ٿو ، جڏهن کان وٺي ملڪ ٺهيو آهي ته ٻولين جي مامري تي تحريڪون هلي رهيون آهن ، بنگالي ٻولي تحريڪ ۾ خون وهايو ويو، تاريخ رت سان ڀري پئي آهي . سنڌي ٻولي پنهنجي شاهوڪار ثقافت سان جڙيل آهي ۽ سنڌي ثقافت دنيا جي تمام وڏي شاهوڪار ثقافت آهي . هن چيو ته پنجابي ٻولي سان اڄ به ظلم ٿي رهيو آهي ، پرائمري تعليم پنجابي ٻولي ۾ نه ٿي ڏني وڃي . ڊاڪٽر اصغر دشتي چيو ته مادري ٻولين تي سڄي دنيا ۾بحث ٿي رهيو آهي، بنگالي قومي ٻولي تحريڪ ۾ شهادت ماڻيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو ، بنگالين جي اڪثريت کي تسليم نه ڪيو ويو، بنگالي ٻولي جي وجود کان انڪار ڪندي اردو کي مسلط ڪيو ويو ، زبردستي اردو کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏئي اصلوڪن ماڻهن جي ٻولين جي حيثيت کان انڪار ڪيو ويو، مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ ۽ قومن جي حيثيت تسليم ڪرڻ جي ڳالهه تي حڪمران خوفزده ٿي وڃن ٿا ته ان سان ملڪ کي خطرو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ هزارين سالن قديم قومن جون ٻوليون آهن انهن جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ کپي . ملڪ کي متحد رکڻو آهي ته مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻو پوندو . ان جي لاءِ آئين ۾ سڌارن جي ضرورت آهي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں