لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن شيوا طرفان سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شيوا جي صدر نور محمد هليو، جنرل سيڪريٽري عبدالجبار سيال، خالد محمود ابڙو، منصور نثار ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ لاڳاپيل وائيس چانسلرن پاران ملازمن سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن، جيڪي برداشت جوڳيون نه آهن جڏهن ته دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي مان بلاجواز 42 ملازمن کي بيروزگار ڪري سندن گهرڀاتين کي بکو ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نواب شاهه، قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه جي ملازم تنظيمون ختم ڪرائيندي جمهوري اليڪشن نه ٿيون ڪرڻ ڏنيون وڃن ۽ ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انهن خلاف شوڪاز، ڪيس داخل ڪري کين يونيورسٽي اندر داخلا تي پابندي جهڙا ناقابل برداشت عمل ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، وٽنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي ملازمن مٿان ناحق غذب ڪندي انهن کي ذهني ٽارچر ڪيو پيو وڃي، جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هنن پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير اسماعيل راهو، سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ وڌائڻ سان گڏ پنجاب جيان سنڌ جي يونيورسٽين کي ڪمرشل ڪيو وڃي، يونيورسٽين اندر ٿيل ڪرپشن کي ختم ڪري ملازمن سان ناانصافيون ڪندڙ وي سيز خلاف سخت قدم کڻي ملازمن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
