ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشورو ۾ ملٽي نيشنل ڪمپني ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ پرائيويٽ ٽرانسپورٽر ملڪ آصف ۽ ڄامشورو پوليس جي ناجائزين خلاف ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ جي رهواسين پاران احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو, ان موقعي تي عرفان راڄڙ, ديدار راڄڙ، اشتياق راڄڙ, عمران راڄڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته علائقي جي خانگي ملٽي نيشنل ڪمپني جا عملدار ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ ٺيڪيدار ملڪ آصف زبردستي اسان جي ذاتي زمين ۽ آبادي واري علائقن مان جتي اسڪول ۽ مدرصو به آهي اتان هيوي ٽريفڪ واريون وڏي اسپيڊ مان گذاري رهيا آهن جنهن سبب ٻارڙن سان ڪيترائي ڀيرا ايڪسيڊنٽن جا واقعا پيش اچي چڪا آهن, هنن چيو ته هيوي ٽريفڪ گاڏيون گذارڻ کان منع ڪرڻ تي ملڪ آصف پوليس کي ڳري رشوت ڏئي اسان جي 80 سالا پيرسن والد محمد عثمان راڄڙ ۽ اسان 5 ڀائرن تي دهشتگردي جي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرائي آهي, ھنن چيو ته ڳري رشوت وٺڻ بعد ڄامشورو پوليس اسان جي پيرسن ۽ دل جي مريض والد کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪرڻ بعد اسان خلاف به تر تپائي ڏنو آهي, هنن اعلي’ اختارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملو جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل پيرسن محمد عثمان راڄڙ کي آزاد ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جي ايف آء آر ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احٿجاجي ڪندي انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.
