ڄام نواز علي ۾ ڳوٺاڻن جو نئون آباد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

ڄام نوازعلي(ن س) نئون آباد شهر ۾ بدامني جي خلاف منظور علي ڪنڀر، ذوالفقار علي، بابر  ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ ڪنڀر برادري جو نئون آباد پوليس جي خلاف  احتجاجي مظاهرو ٽائرن کي باهيون. نواب شاهه – ميرپور خاص ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي ڄام نوازعلي، ڪنڊياري مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏي روڊ بلاڪ هجڻ سبب گاڏين جيون قطارون لڳي ويون  مظاهرين جي  پوليس جي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. مظاهرين چيو ته شهر ۾ چورين جي آزار تمام وڌي ويو آهي ڪنڀر پاڙي ۾ چور هر رات ايندا آهن رات جوچور زبردستي گهر اندر گهڙي آيا رڙين ڪرڻ تي چور فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس نه پهتي پوليس چورن جي خلاف ڪجهه ڪرڻ لاء تيار ناهي  پوليس به ڪارن ڪپڙن ۾ آ ته چور به ڪارن ڪپڙن ۾,خبر ناهي پوليس آهي يا چور آهن شهر ۾ پوليس جي ڪابه گشت نه آهي مجبورٿي ڌرڻو آهي اسان شهر ۾ غير محفوظ آهيون ايس ايس پي سانگهڙ  نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪري چورن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ شهر ۾ پوليس جي گشت کي پڻ وڌايو وڃي، شهر ۾ ڪا به واردات ٿي ته ان جي ذميوار پوليس هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں