علي محمد ميمڻ
ملڪ ۾ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي اعتراضن ۽ سنڌ اسيمبلي جي ٺهراء منظور ڪرڻ بعد آخرڪار رياست جي رخ ۽ روئي ۾ تبديلي ۽ لچڪ محسوس ٿيڻ لڳي آهي. وفاقي حڪومت طرفان سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي اعتراضن کي قبوليو ويو آهي ۽ وزير اعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي تفصيلي گڏجاڻي ۾ ڊجيٽل آدمشماري 2023ع تي صوبن جا اعتراض ٻڌڻ ۽ انهن جو ازالو ڪرڻ تي رضامندي جو اظهار ضرور ڪيو ويو آهي پر ڊجيٽل آدمشماري ڪندڙ وفاقي شماريات کاتي طرفان آدمشماري جا انگ اکر صوبائي حڪومتن کي مهيا ڪرڻ ۽ صوبائي حڪومتن جي نگراني ۾ ڊجيٽل آدمشماري جو عمل شفاف نموني مڪمل ڪرائڻ تي شماريات کاتي جي انتظاميا جي سامهون ايندڙ اعتراضن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته ظاهري طور تي اهو کاتو وفاقي حڪومت جي ماتحت آهي پر اصل ۾ انهيء جون واڳون ڪنهن ٻي طاقت جي هٿن ۾ آهن، جيڪي صوبن کي پنهنجا حق ۽ حساب ڏيڻ ۽ ادا ڪرڻ تي خوش نه آهن. اهڙي صورتحال مان معلوم ٿي رهيو آهي ته، ملڪ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ۾ صوبن سان گڏ هاڻي وفاقي حڪومت کي پڻ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي ۽ وفاقي سرڪار کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني حاصل اختيارن جو استعمال ڪرڻ ۽ پنهنجي حڪومت جي رٽ مڃرائڻ لاء اڳتي اچڻو پوندو تڏهن وڃي صوبن جي عوام جي درست ڳڻپ ٿي سگهندي ۽ ملڪ جو وفاقي سرشتو بهتر نموني ڪم ڪري سگهندو.
گهڻ جماعتي ڪانفرنس جي ميزبان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ جي صدر نثار کهڙي صدارت ڪئي، ڪانفرنس ۾سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص طور شرڪت ڪئي ۽ ڪانفرنس کي سنڌ حڪومت جي اعتراضن، موقف ۽ وفاق ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف سان ٿيل گڏجاڻي بابت پڻ آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي جمهوريت پسند، ترقي پسند۽ روشن خيال ڌرين ۽ انهن کان علاوهه مذهبي ۽ قوم پرست جماعتن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ ن، ترقي پسند ۽ روشن خيال ڌرين ۾ عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ گريجويٽس ائسوسئيشن، جميعت علماء اسلام، سني تحريڪ، جماعت اسلامي، جميعت علماء پاڪستان، سينيئر صحافين ۽ ساڃهه وندن جي ڀرپور نمائندگي موجود هئي.ڪانفرنس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي نقص، مسئلن ۽ انهي کي شفاف بنائڻ لاء بنيادي نقطن جو تفصيلي نموني جائزو ورتو ويو ۽ شريڪ اڳواڻن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين ۽ ساڃهه وندن طرفان کليل نموني ڳالهايو ويو ۽ پنهنجي خدشن جو تفصيلي اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ جي ڪجهه قوم پرست جماعتن پنهنجي روائتي سستي ۽ عام ۽ سنڌ جي قومي معاملن تي واضح موقف نه هئڻ ۽ سياسي معاملن کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ تي يقين نه رکڻ ڪري هو هن ڀيري به سنڌ جي هن نمائنده ۽ قومي ميڙاڪي ۾ قومي ايڪتا جي گهرجائو معاملن واري اهم موقعي ۽ وقت کي پڻ ضائع ڪري ويٺا آهن.
وفاقي اتحادي حڪومت ۾ شريڪ ۽ سنڌ صوبي جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڊجيٽل آمشماري جي حوالي سان وفاقي حڪومت وٽ پنهنجا اعتراض پيش ڪرڻ لاء صوبائي حڪومت جي ذريعي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ايوان طرفان منظور ڪرايل ٺهراء جي ذريعي جيڪي آئيني، قانوني اختيار ۽ جيڪي سياسي رستا ۽ طريقا اختيار ڪرڻا هئا اهي ضرور ڪيا ويا ۽ وڌيڪ ڊجيٽل آدمشماري واري معاملي کي 2017ع واري ٿيل تڪراري آدمشماري وانگر ناڪام ثابت ٿيڻ بجاء انهي کي سنڌ صوبي جي حق ۾ڪرائڻ ۽ڳڻپ واري عمل کي شفاف ۽ درست ڪرائڻ لاء بلوچستان صوبي کي پڻ پاڻ سان گڏ اعتراض داخل ڪرڻ ۽ سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين کي پڻ پاڻ سان شامل ڪرڻ ۽ ڊجيٽل آدمشماري واري ڪيس کي سنڌ، بلوچستان سميت سمورن صوبن جي ڳڻپ کي درست بنائڻ لاء جيڪي ڪاوشون ڪيون پيون وڃن يقينن اهي ساراهه لائق آهن. خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميزبانيءَ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ جي خدشن جي موضوع تي 17 مارچ تي ڪراچي ۾ ڪوٺايل گهڻ جماعتي ڪانفرنس پڻ تمام گهڻو لاڀائتي ۽ مفيد ثابت ٿي آهي. هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن سميت اديبن ۽ ليکڪن گڏيل طور تي اعلان ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن آدمشماري بابت سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سنڌ صوبي پاران ان جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا. ڪانفرنس ۾ شريڪ جماعتن طرفان اها گهر ڪئي وئي ته، آدمشماري جو مدو وڌائي سنڌ کي درست ڳڻيو وڃي ۽ آدمشماري ۾ موجود خامين کي ختم ڪري پرڏيهين کي الڳ خاني ۾ رکيو وڃي. گهڻ جماعتي ڪانفرنس طرفان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اختيار ڏنو ويو ته آدمشماري واري معاملي تي هو وفاق سان ڳالهائي سنڌ جا خدشا ختم ڪرائي.
ملڪ جو بنياد 1940ع واري قراداد جي روشني ۾صوبن ۽ رياستن جي رضاڪاراڻي وفاق جي صورت ۾ رکيو ويو ۽ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد جناح جي پهرين گورنر جنرل جي حيثيت ۾حڪومت جو ڍانچو تيار ٿيڻ شروع ٿيو ۽ نئين ملڪ جي وفاقي آئين ٺاهڻ ۽ پارلياماني جمهوري سرشتو قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪم شروع ئي مس ٿيو هو ته، ملڪ جي قائم ٿيڻ جي صرف ڏيڍ سال بعد ملڪ جو باني وفات ڪري ويو . جنهن بعد ملڪ بيورو ڪريسي جي حوالي ٿي پنهنجي اصل رستي تان هٽي ويو ۽ ملڪ ۾بنا آئين جي صدارتي نظام لاڳو ڪري ڇڏيو ويو ۽ ان بعد ملڪ ۾ آمريتن جو هڪ اهڙو ڊگهو دور شروع ٿيو جنهن جي هاڃيڪارين ۽ تباهه ڪارين کان اڄ ڏينهن تائين ملڪ نڪري نه سگهيو آهي. انهي ڏکئي وقت ۾ اوڀر پاڪستان جو ڌار ٿي بنگلاديش بنجي وڃڻ واري سانحي بعد ملڪ اڃا تائين پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهيو آهي. ملڪ ۾ 1970ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۽ جي نتيجي ۾وجود ۾ ايندڙ پارليمان جي ذريعي ملڪ ۾ پهرين چونڊيل حڪومت قائم ٿي ۽ باقي بچيل ملڪ جي پهرين چونڊيل ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو طرفان آمر جنرل يحي کان سندن ٽن عهدن، صدر، چيف ايگزيڪٽو ۽ چيف مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر جي عهدن جي چارج وٺي کيس گهر ڀيڙو ڪيو ۽ ان بعد ملڪ مان مارشل لاء جو خاتمو ڪيو ۽ اڳتي هلي عبوري آئين ۽ ان بعد 1973 وارو متفقه آئين منظور ڪرائي ملڪ مان صدارتي نظام جو خاتمو ڪري پارلياماني جمهوري سرشتو قائم ڪيو ۽ پاڻ به صدر جو عهدو ڇڏي وزير اعظم جو قسم کنيو ۽ هن آئين جي هڪ وڏي خوبصورتي اها پڻ آهي ته. سينيٽ آف پاڪستان ۾ ملڪ جي وفاق جي عڪاسي آهي، هن ايوان ۾سمورن صوبن کي برابري واري حيثت ۽ هڪ جيترون سينيٽ جون سيٽون حاصل آهن. اهڙي ريت، ملڪ جي وفاقي سرشتي ۾ هن وقت وفاق ۽ صوبن ۾ وهنوار ملڪ جي 1973ع واري آئين تحت هلي رهيو آهي.
ملڪ جي وفاقي سرشتي ۾وفاق ۾ صوبن جي حصيداري هن وقت به آدمشماري جي پراڻي عارضي آدمشماري واري ڳڻپ تي بيٺل آهي. 2018 ع ۾ ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊون پارليامينٽ جي اتفاق راء سان صرف هڪ ڀيرو ڪرڻ واري ڏنل منظوري واري اجازت تحت ڪرايون ويون ۽ هاڻي ملڪ ۾عام چونڊن کان اڳ نئين آدمشماري ٿيڻ لازمي آئيني معاملو آهي. سنڌ ۽ ٻين صوبن کي 2017ع واري آدمشماري تي سخت اعتراض هئا جيڪي ان وقت پارليامان جي ٻنهي ايوانن سينيٽ آف پاڪستان ۽ قومي اسيمبيلي ۾ اٿاريا ويا هئا، جنهن تي تنهن وقت جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي طرفان پارليماني جماعتن جو خاص اجلاس سڏائي آدمشماري کي درست ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر 2018ع ۾ ٿيل عام چونڊون چوري ٿي وڃڻ سان ملڪ تي ٿاڦيل ڪپتان ۽ رانديگرن جي حڪومت ذريعي صوبن خلاف ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪيو ويون ۽ 2017ع واري تڪراري آدمشماري واري معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آء) جي اجلاس ۾ صوبن ۾اتفاق راء واري روايت کي رد ڪندي ٽن صوبن جي اڪثريت سان شماريات کاتي جي پيش ڪيل تڪراري ڳڻپ رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي وئي ۽ سنڌ جي ڪيس ۽ ننڍن صوبن جي اعتراضن ۽ حقن کي رد ڪري ڇڏيو ويو. سرهائي واري ڳالهه آهي ته آخرڪار هن ڀيري سنڌ ۾ پيدا ٿيل قومي اتفاق راء ۽ قومي معاملن تي ويڇا وساري ايڪتا وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ هڪٻئي جا هٿ مضبوظ ڪرڻ سان يقينن قوم۾پنهنجن اڳواڻن، دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽي مان وري اميدون وڌيون آهن. اميد ته ڊجيٽل آدمشماري 2023ع واري تڪراري معاملن کي گڏجي حل ڪرائڻ ۽ پنهنجي قوم جي مڪمل ڳڻپ، بقاء ۽ پنهنجي قومي حقن ۽ وسيلن جي حفاظت ڪرڻ ۾يقينن ڪاميابيون حاصل ٿينديون.
Email. alimemonlive@yahoo.com