ڊگھڙي (ن س) ڊگھڙي شھر جي خانگي سمارٽ اسڪول ڊگهڙي طرفان هڪ ڏينهن وارو ڪلچرل،سائنس اينڊ آرٽس نمائشي ميلو ٿيو، نمائشي ميلي جو افتتاح ڊگهڙي ۾ سياسي سماجي شخصيت اڳوڻو تعلقي ناظم مير زاھد حسين ٽالپر ڪيو،نمائشي ميلي ۾ سمارٽ اسڪول ڊگهڙي ۽ سنڌ سائنس اڪيڊمي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين محمد حماد، سنڌو، فاطمه، ايان علي، مھتاب احسن ۽ ٻين ٻارن طرفان سائنس جي مختلف شعبن جا ماڊل، ڪلچر جي حوالي سان سنڌ جي تاريخي ۽ سنڌ جو ثقافتي لباس اجرڪ ٽوپي، رلين سميت ڪيترائي ماڊل تيار ڪيا ويا هئا، جنھن ۾ جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جئين ۽ ھو جمالو ھو جمالو منھنجو جتن سان شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا جنھن تي خوف داد ڏنو ويو جنهن تي ماڊل ڏسڻ لاء ايندڙ مهمانن کي ماڊل تيار ڪندڙ اسڪولي ٻارڙا پريزينٽيشن ڏيندي ماڊل جي اهميت ۽ ڪم ڪار بابت ٻڌائي رهيا هئا،مهمان خاص اڳوڻو تعلقي ناظم مير زاھد حسين ٽالپر ،سمارٽ اسڪول جو آنر مير سھراب خان ٽالپر پرنسپل سفوران ساجد ، جانھزيب آرائين مختلف اسڪولن کان ماڊل ڏسڻ لاء آيل شاگردن،والدين ۽ شھرين ٻارن طرفان تيار ڪيل ماڊلز کي ساراهيندي چيو ته تيار ڪيل ماڊلز مان اڄ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڊگهڙي تعلقي جي ٻارن ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن جنهن ذريعي اهي دنيا جي هر ميدان تي پنهنجو پاڻکي مڃرائي سگهن ٿا،ان موقعي تي شاگردن شاگردياڻين ۽ والدين سميت شھرين جو وڏو انگ نمائشي ميلو ڏسڻ لاء پهتل هو۔
