ڪڍڻ ۾ پڇڙيءَ جي آبادگارن جو اڪرم واهه جي ڪم غلط طريقي سان ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪڍڻ (ن س) ٽيل آبادگار ايسوسئشن بدين جو ھنگامي اجلاس ڪڍڻ ۾ شھر ۾ ٿيڻ آبادگارن جو احتجاج بعد ڪڍڻ پريس ڪلب ۾ ٽيل آبادگار ايسوسئشن بدين جي اڳواڻن عبدالغفور چانڊيو ميرواحد بخش بروھي گل محمد گرگيز علي محمد شورو خان محمد بروھي دوست علي چانڊيو ھمير نھڙيو عبدالحڪيم علي محمد بروھي  جي اھم پريس ڪانفرنس ھنن الزام ھڻندي چيو ته اڪرم واھ جي اھم 2 ارب روپين جي پروجيڪٽ ۾ نااھلي ۽ ٽيڪنيڪل جھول وجھي ھتي جي ماڻھن سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، ھلندڙ ڪم کي ٽن حصن ۾ ورھائي ھڪ منڍ ٻيو ڪجهه آرڊيون مٿي ۽ پوڇڙ ٺاھي باقي وچ کي ڇڏيو ويو آھي جيڪو سراسر ظلم آھي. ھنن چيو ته پھرين ڪم جنگي بنيادن تي بغير پلاننگ جي ڪري ڪم جو ٻيڙو ٻوڙي بعد ۾ ھاڻي اوچتو ڪم بند ڪري ٺيڪيدار مشينري واپس کڻي روانو ٿي ويو آھي ھاڻي جڏھن تڪڙ ۾ ٿيل ڪم ۾ جھول ناقص ٿي پيو آھي ته ڪامورن خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي آبادگارن جا خدشا ختم ڪرڻ لاء تيار ناھن  اڪرم واھ ۾ پاڻي اڪارڊ موجب اڄ تاريخ 18مارچ تي ايڊنٽ 25 سو ڪيوسڪ آھي پر اڪرم ھزار ٻارھ سو تي پيو ھلي اڪرم واھ جي سڀني شاخن جا دروازا درست ڪري ھن وقت ٽن سب ڊويزنن کي ھلايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں