آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف طرفان ميڊيڪل سپريڊنٽ جي مان ۾ الوداعي تقريب

ڪراچي(بيورورپورٽ) آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ جي الوداعي تقريب  هڪ مقامي هوٽل ۾ ڪوٺائي وئي. جتي صحت کاتي جي ڊاريڪٽر هيلٿ سروسز ڊاڪٽر حميد جماڻي ٽراما سينٽر جي صابر ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز ڊاڪٽر حميد جماڻي. صابر ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحت کاتي جي ڊاريڪٽر هيلٿ سروسز حميد جماڻي ڳالهائيندي چيو ته سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽر روبينا بشير جي اپريل مهيني ۾ رٽائرمينٽ ٿيڻ واري آهي. آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران ايم ايس جي الوداعي تقريب تي  مونکي ڏاڊي خوشي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر روبينا بشير سول اسپتال ۾ ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. هو سول اسپتال ۾ ايندڙ هر غريب مريضن سان وڏو سهڪار ڪيو. پيرا ميڊيڪل عملو به صحت کاتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪورونا وائرس جهڙي وبا جي جنگ ۾ پيراميڊڪس عملو سڀ کان اڳتي رهيو. ان موقعي تي ٽراما سينٽر جي ڊاريڪٽر ڊاڪٽر صابر ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر روبينا بشير سول اسپتال ۾ غريب مريضن جو مسيحا آهي. هن ٿوري ئي وقت ۾ سول اسپتال جي هزارين غريب مريضن جو ساٿ ڏئي انهن علاج ڪرايو ۽ هن سول اسپتال جي انتظاميا کي به هدايت ڪئي آهي ته هو سول اسپتال ۾ ايندڙ غريب مريضن جو وڌ کان وڌ خيال رکيو وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽر روبينا بشير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته مان آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي جي شڪر گذار آهيان جنهن مون کي عزت ڏني ۽ الوداعي تقريب ڪوٺائي. سندس چوڻ هو ته منهنجي رٽائرمينيٽ ۾ باقي ڪجھ ڏينهن آهن آء پيراميڊيڪس عملي توڙي سول اسپتال جي انتظاميا کي هدايت ڪنديس ته اهي سول اسپتال ۾ ايندڙ غريب مريضن جو وڌ کان وڌ خيال ڪن. ۽ انهن جي علاج لاء ڪا به ڪوتاهي نه ڪن. سندس چوڻ هو ته سول اسپتال ۾ ايم آر آء سٽي اسڪن جون مشينون جلد فعال ٿي وينديون. اگر مون کان ڪا غلطي ٿي هجي ته مان سول اسپتال جي عملي توڙي پيراميڊيڪس عملي کان معذرت ڪيان ٿي. ان موقعي تي آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي ڳالهائيندي چيو ته سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر روبينا بشير هڪ مسعيا آهي جنهن سول اسپتال ۾ ايندڙ هر غريب طبقي جي مريضن جو اولين بنياد تي علاج ڪرايو. سندس چوڻ هو ته هن پيراميڊيڪس عملي توڙي سول اسپتال جي عملي سان ملي ڪري ڪم ڪيو آهي. هن ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. ان موقعي تي آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف سنڌ جي صدر سليمان ميمڻ. ڊاڪٽر عابده گهانگهرو. اقبال انصاري. ڊاڪٽر وارث جکراڻي. اخلاق احمد جوکيو ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ ناصر خان. غلام علي ميراڻي آصف بلوچ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں