ڪراچي(رپورٽون: ضياءَ قريشي) پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني خلاف ۽ سنڌ جي سجاڳي، سياسي، سماجي ۽ معاشي بحالي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان 15 فيبروري تي سکر کان شروع ڪيل سنڌ مارچ 33 ھين ڏينھن ڪراچي پھتو. پريس ڪلب پهچڻ بعد احتجاج ۾تبديل ٿي ويو، ڦوھارا چوڪ تي جلسو ٿيو ، قومپرست اڳواڻن ۽ عورتن سميت ھزرين ڌرتي ڌڻي ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ ھئا. جلسي کي سيد زين شاھ ، اسماعيل شاھ راشدي ، ڊاڪٽر صفدر عباسي ، سردار عبدالرحيم ، روشن ٻرڙو ، جڳديش آھوجا ، امير آزاد پھنور ، امير علي ٿيٻو، اعجاز سامٽيو ، عورت اڳواڻ شيبا مغل ، شاگرد اڳواڻ زين جتوئي پڻ جلسي کي خطاب ڪيو . ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ڪراچي ۾سنڌ مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي قومي وجود، تاريخي تشخص، قدرتي وسيلن تي قبضي ۽ سنڌ جو حق حڪمراني تي وفاق جي ڪنٽرول جهڙا ڪڌا ڪم ٿيندا رهيا آهن، 2008 ع کان وٺي پيپلز پارٽي ڌارين دلال جو ڪردار ادا صرف پنهنجي اقتدار ۽ پيسي خاطر ظلم ۽ بدانتظامي ذريعي سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي طور تباھي ڪري رھي آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت هر سال سنڌ جي ناڻي مان 600 کان 800 ارب رپين جي بدعنواني ڪندي رهي ٿي، ان کانسواءِ سنڌ جي سامونڊي پٽي هجي يا جابلو پٽي، ڪچي جون زمينون هجن يا ريگستان جا خزانا پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ حڪومت انهن کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪندي يا سرڪاري مشينري وسيلي قبضو ڪرائيندي رهي آهي. پيپلز پارٽي جي بدعنواني ۽ خراب حڪمراني سبب سنڌ جو هر ادارو تباھ ٿي چڪو آهي. ڪنهن به اداري ۾ اهليت ۽ ايمانداري جي بجاءِ رشوت ۽ اقربا پروري جو بازار گرم آهي. عوام کي اهليت، محنت ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جي بجاءِ مفت خوري، حرام خوري، بي ايماني ڪرڻ جي رستي تي هلائڻ ڪري خودداري ، اخلاقيات ۽ سماجي قدر اڪثريتي طور تي ختم ٿي ويا آھن. زين شاھ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اقتدار جي عيوض سنڌ جي حڪمراني جو اختيار هجي توڙي وسيلن تي اختيار اهو آئيني طور سنڌ اسيمبلي جي ذريعي وفاق جي حوالي ڪندي رهي آهي. سنڌ کي ٻٽي بلدياتي نظام تحت ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو عمل هجي يا سنڌ ۾ ڌارئين آبادڪاري، پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي مفادن خلاف ئي ڪم ڪندي رهي آهي. هن وقت جيڪا ڊجيٽل آدمشماري وقت کان اڳواٽ ٿي رهي آهي انهي جي ذميوار پڻ پيپلز پارٽي آهي. 2017ع جي آدمشماري جيڪا درست ھئي ان کي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار قبول نھ ڪندي ٻيهر آدمشماري جي گهر ڪئي جنهن ڪري اها ڊجيٽل آدمشماري، جنهن تي سموري سنڌ بي اعتمادي جو اظهار ڪري چڪي آهي، ٿي رهي آهي. ايس يو پي صدر چيو تھ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار وفاق سان ملي ڪري 2022ع جي هٿرادو ٻوڏ وسيلي سنڌ کي ٻوڙايو تھ جيئن کين امداد ۾ ٻاهرين ملڪن کان اربين ڊالر کين ملي سگهن. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تباھ ٿي، اندازن 30 لک گهر لڙهي ويا ۽ هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ انسان دربدر ٿيا انهي جي ذميوار پڻ پيپلز پارٽي آهي. پاڪستان جي موجودہ اتحادي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار جي خراب ساک سبب عالمي امدادي ادارن توڙي ملڪن طرفان جيڪا امداد ملي، ان کي به ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي نظر ڪيو ويو آهي. زين شاھ چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سمجهي ٿي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي لاءِ هڪ اهڙو ناسور بڻجي چڪي آهي جنهن مان جيڪڏهن سنڌ جو عوام جان نه ڇڏائيندو ته سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي بحالي ممڪن نہ ٿي سگهندي. پيپلز پارٽي جيترو وقت وڌيڪ اقتدار ۾ رهندي ته نه رڳو انهي سان سنڌ جي تباهي ٿيندي پر پاڪستان جا خزانا خالي رھندا. انهي ڪري اسان سنڌ جي اندر سياسي سجاڳي جي لاءِ ۽ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني کي وائکو ڪرڻ جي لاءِ 15 فيبروري تي سکر کان اڄ 19 مارچ تي ڪراچي تائين هي پنڌ سنڌ مارچ ڪيو. اسان جي انهي پنڌ مارچ ۾ اسان جي جان کي ٿوري تڪليف ضرور آئي، هزارين ڪارڪنن جا پير پٿون ضرور ٿيا، پر اسان جي اها تڪليف سنڌ جي محبت جي آڏو ڪجھ به نه آهي. هي هڪ ننڍڙي ڪوشش جيڪا اسان ڪئي آهي اسان کي يقين آهي تھ اسين ان ۾ ڪامياب وينداسون ڇو تھ باطل کي مٽڻون ۽ حق کي غالب ٿيڻو آهي. ھن چيو تھ اسان چاهيون ٿا تي بي ايمان ڌارين دلالن جي اسٽيبلشمينٽ اسپانسرڊ سنڌ ۾ پ پ جي حڪمراني ختم ٿئي، بي ايمان بي رحم احتساب جي حوالي ٿين، سندن ناجائز ملڪيتون نيلام ٿين. سنڌ جي مالي توڙي قدرتي وسيلن جي مالڪي صوبي وٽ واپس اچي، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي آئيني تحفظ هجي، وحدت وڌيڪ خودمختيار ھجي ۽ سنڌ ۾ شفاف حڪمراني هجي جنهن جي چونڊ مقامي توڙي عالمي اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کان سواءِ شفاف طريقي سان اهل ۽ ايماندار قيادت جي حوالي ڪئي وڃي.آءُ آخر ۾ اوهان سڀني شرڪت ڪندڙ ڀينرن ۽ ڀائرن جو شڪر گذار آهيان جيڪي سنڌ مارچ جي هن احتجاجي جلسي ۾ شريڪ ٿيا ۽ خراج پيش ڪريان ٿو انهن سڀني ساٿين کي جن سکر کان وٺي ڪراچي تائين انهي پنڌ قافلي کي جاري رکيو. اسان جو ساٿ ڏيو اسان اوهان کي ايمانداريءَ ۽ انصاف ذريعي اھل، خوشحال ۽ خودمختيار، سنڌ ڏينداسين، مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ سيد اسماعيل شاھھ راشدي خطاب ڪندي سنڌ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو . اسماعيل شاھ چيو ته مھانگائي خلاف سنڌ جو عوام روڊن تي اچي ويو آھي ، بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تان استعيفيٰ ڏئي مھانگائي خلاف عوامي مارچ ۾ شريڪ ٿئي تھ مڃون تھ ھو شھيد راڻي جو فرزند آھي . ھن چيو تھ ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي آھي ، گذريل حڪومت ۾ پيپلز پارٽي مھانگائي خلاف مارچ تي سنڌ حڪومت جو پيسو خرچ ڪيو ، پر اڄ سنڌ مارچ ۾ سنڌ جا غريب ۽ مسڪين ماڻھو پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري شريڪ ٿيا آھن، پيپلز پارٽي جو مھانگائي مخالف مارچ ھڪ ڍونگ ھيو ،عوام کي وڌيڪ بيوقوف بڻائي نھ ٿي سگھي ، پي ڊي ايم ۽ سنڌ حڪومت کي عوام جو ڪو احساس نھ آھي، ھن چيو تھ منھنجي ڏاڏي شھيد صبغت اللھ شاھھ راشدي سنڌ وطن جي خاطر جان قربان ڪئي ،پر انگريز سامراج سان مفاھمت نھ ڪئي، وطن يا ڪفن ۽ آزادي ياموت جو نعرو انگريزن سان مھاڏو اٽڪايو، انگريز سامراج کي ٽوٽا چٻايا ، ھي تھ مقامي سامراجي نوڪر آھن ۽ نوڪرن جي ڪھڙي حيثيت آھي، ھنن جي من ماني ھلڻ نھ ڏينداسين . مستقبل سنڌي ماڻھن جو آھي . اسماعيل شاھ راشدي چيو ته سورھيه بادشاھھ کي سرخ سلام پيش ڪرڻ واري تقريب ھر سال 20 مارچ ڏھاڙي ملھائيندا آھيون جيڪا ملتوي ڪئي وئي آھي آءُ اڄوڪي ڏينھن کي سورھيھ بادشاھھ جو ڏينھن سمجھان ٿو .جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي جلسي کي خطاب ڪندي چيو تھ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني ۽ سنڌ جي ڦرلٽ خلاف ايس يو پي جي سنڌ مارچ بيٺل پاڻي ۾ لھرون پيدا ڪيون آھن ۽ اھي لھرون ھاڻ سڄي سنڌ تائين پکڙجي چڪيون آھن . زرداري مافيا پيپلز پارٽي ۽ سنڌ کي تباھھ ڪري ڇڏيو آھي ، مھانگائي خلاف مارچ ڪندڙ اڄ ڪٿي آھن. ھن چيو ته سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي ھئي ۽ سائين جي ايم سيد قيام پاڪستان جو ٺھراءُ پاس ڪرايو ھو، سنڌ ۾ رھندڙ سڀ قوم پرست آھيون ، سنڌ وطن جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھيون ، جي ڊي اي ۽ ايس يو پي جو اتحاد ھڪ نئين انقلاب ڏانھن وک آھي. ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو عوام ڦورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيندو ، سنڌ دوست ڌريون جي ڊي اي ۾ شموليت ڪن ، سڀ گڏجي عوام کي ڪرپٽ مافيا کان نجات ڏيارينداسين ، ھاڻ فيصلا سنڌ جي حق ۾ ٿيندا .مسلم ليگ فنڪشل اڳواڻ سردار عبدالرحيم خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ کي بي دردي سان لٽيو ، ٻوڙيو ۽ ماريو ويو آھي، مافيا جو اقتدار تي قبضو آھي، ھاڻ مافيا ۽ ملڪ گڏ ھلي نھ ٿا سگھن . ھن چيو تھ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب عوام جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آھي پر ظالم حڪمرانن کي ان جو ڪو احساس نھ آھي . ھن چيو تھ سنڌ مارچ ڪرپٽ حڪرانن جي خلاف ريفرنڊ ثابت ٿيو آھي ، سنڌ جي عوام پنھنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي. حڪمرانن ھوش کان ڪم نھ ورتو تھ عوام جي طاقت سان کين تڙي ڪڍيو ويندو . سنڌ جي مفادن لاءِ اسين سڀ گڏ آھيون ڇو تھ سنڌ جا مفاد پاڪستان سان جڙيل آھن ، پاڪستان کي مضبوط ڪرڻو آھي تھ سنڌ کي متحد ٿيڻو پوندو .ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو جلسي کي خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ مارچ جي سڄي سنڌ ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي ، عوام ايترو پيار ۽ محبت ڏني آھي جو 33 ڏينھن پيرين پنڌ ڪرڻ جي باوجود حوصلا بلند آھن ۽ سنڌ کي نجات ڏيارڻ جي لاءِ وڌيڪ پنڌ ڪرڻ جي لاءِ تيار آھيون . ظلم جو نظام ھميشھ ناھي رھندو ، لٽيرن جو احتساب ڪنداسين م جعلي مينڊيٽ جي ذريعي سنڌ کي غلام بڻايو ويو آھي. نون صوبن جون سازشون ٿي رھيون آھن، ڦورن ۽ لٽيرن جي لاءِ ڌرتي ٽامو بڻائي ويندي. جڳديش آھوجا خطاب ڪندي چيو تھ اڄ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني ۽ سياسي ، سماجي ، معاشي بحالي جي لاءِ سڄي سنڌ ڪراچي ۾ گڏ ٿي آھي ۽ اڄ ڦوھارا چوڪ جي ايم سيد چوڪ لڳي رھيو آھي. سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي بي ايماني واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو آھي. سنڌي قوم ھاڻ انقلاب آڻڻ لاءِ تيار آھي، عوام ڀرپور موٽ ڏني آھي، سنڌ ظالم حڪمرانن کان نجات ٿي چاھي ، سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آھي ،سنڌ آھي تھ پاڪستان آھي. امير آزاد پھنور خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن سنڌ کي تباھھ ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙيو ويو . ھن چيو تھ جيڪي چون ٿا تھ سنڌ ۾ سياسي متبادل تنظيم نھ آھي تھ اھي ڏسن تھ اسين تنظيم آھيون، سنڌ جي عوام کي زرداري مافيا کان نجات ڏيارينداسين، سائين جي ايم سيد جا پيروڪار سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪندا . ان موقعي تي امير علي ٿيٻو چيو ته سکر کان نڪتل سنڌ مارچ 33 ڏينھن پيادل سفر ڪري ڪراچي پھتو ، سنڌ جي عوام وک وک تي شاندار آجيان ڪئي . ھن چيو تھ پي پي جي ظالم حڪومت 15 سالن کان سنڌ تي مڙھي وئي آھي ان کي ھاڻ ھلن نھ ڏنو ويندو . خواجا نويد جلسي کي خطاب ڪندي چيو پي پي سنڌ کي تباھھ ڪري ڇڏيو ھاڻ ڪرپٽ حڪمرانن کي تڙي ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آھي. عورت اڳواڻ شيبا مغل خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ وطن جي حفاظت لاءِ عورتون بھ ھر جدوجھد ۾ شامل آھن ، سنڌ جون نياڻيون پنھنجي ڀائرن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سفر ڪن ٿيون ، پٽ ۽ نياڻيون سڀ گڏ جي سنڌ کي ظالم حڪمرانن کان نجات ڏيارينداسين.شاگرد اڳواڻ زين جتوئي خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ جو عوام نسل در نسل حڪمران ٽولي کان نجات چاھي ٿو ، سنڌي پيڙھي در پيڙھي غلامي ۽ پيڙا ۾ آھيون. ھن چيو تھ سنڌ وسيلن سان مالا مال آھي پر پي پي ۽ زرداري مافيا سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويا آھن ، ھاڻ قوم کي ان بيماري جو خاتمو ڪرڻو پوندو ، ڪرپٽ مافيا کي نيڪالي ڏيڻي پوندي، نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو ، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ دوست ڌرين کي ووٽ ڏنو وڃي.اعجاز سامٽيو خطاب ڪندي چيو تھ ڦرلٽ ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿاريندڙن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ، پيپلز پارٽي کي وطن سان غداري جي انعام طورتي حڪومت ڏني وئي آھي ،سنڌ جي وسيلن تي وفاق قابض آھي، سنڌ کي ڪرپٽ حڪمرانن کان نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجھد جاري رکنداسين. جلسي ۾ سيد جلال محمود شاهه، سنڌ ساگر پارٽي جو صدر عبدالمومن ميمڻ ، جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ ڊاڪتر نياز ڪالاڻي، ڪراچي انڊيجنيس رائٽس الائنس جو اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھھ ، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو ، ياسمين ٿيٻو ، منير حيدر شاھھ ، جونيئر جي ايم سيد ، جي ايم سيد فائونڊيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر سيد ضياءَ شاھھ ،ايس يو پي اڳواڻ منير نائچ ، مير مڱريو ، مختيار ميمڻ ، راحت سعيد ، وائس فار مسنگ پرسنز سنڌ جي اڳواڻ سھڻي جويو ، ايس يو پي اڳواڻ نياز حسين پھنور سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا .
