ايس يو پي پاران پيرين پنڌ ڪندڙ سنڌ مارچ جون قراردادون پاس ڪيون ويون

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني خلاف سنڌ جي سجاڳي، سياسي، سماجي ۽ معاشي بحالي لاء سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان 15 فيبروري تي سکر کان 19 مارچ ڪراچي تائين پيرين پنڌ ڪندڙ سنڌ مارچ جون قراردادون پاس ڪيون ويون . مطالبو ڪيو ته اڄ جو هي جلسا گهُر ڪن ٿا ته نااهل، ڪرپٽ ۽ سنڌ دشمن جماعت پيپلز پارٽي جي 2008ع کان سنڌ ۾ مالي ۽ انتظامي بدعنوانين ۽ صوبي کي بي اختيار ڪري سنڌ جي جاگرافيائي ورهاست جي عملي ڪوشش ڪرڻ جي ڏوھ  ۾ سنڌ حڪومت کي برطرف ڪري سخت احتساب ڪيو وڃي. اڄ جو هي جلسا عام گهر ٿو ڪري ته ملڪ جي اندر موجوده سياسي ۽ رياستي بحران جي خاتمي لاءِ بايوميٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي عدليا جي نگراني ۾ جلد کان جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن. اڄ جو هي جلسا عام گهر ٿو ڪري ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ ڪيل مالي توڙي انتظامي بدعنوانين جي تحقيقات لاءِ ساک وارن رٽائر ججن تي مشتمل هڪ احتساب ڪميشن جوڙي ان ۾ ملوث وزيرن، مشيرن، ڪامورن ۽ ٻين کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن.اڄ جو هي جلسا عام موجوده ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪندي گهر ٿو ڪري ته 2017ع جي آدمشماري کي قبول ڪيو وڃي ۽ آئين مطابق 10 سالن بعد يعني 2028 ع ۾ نئين آدمشماري ڪرائي وڃي.اڄ جو هي جلسا عام سمجهي ٿو ته سنڌ ۾ 2022ع جي هٿرادو ٻوڏ جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي انهي ٻوڏ جي سببن  ۽ انهي جي ڪري ٿيل سنڌ جي معاشي توڙي سماجي تباهي جي تحقيقات جي لاءِ ماهرن  تي مشتمل شفاف ڪميشن قائم ڪري ان تباهي جي ذميوار فردن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن.اڄ جو هي جلسا عام گهر ٿو ڪري ته سنڌ ۾ هٿرادو ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي گهرن جي اڏاوت ۽ ذرعي زمين جي بحالي جي لاءِ عالمي ساک وارن غير سرڪاري ادارن جي ذريعي مدد ڪئي وڃي. اڄ جو هي جلسا عام سمجهي ٿو ته سنڌ جي مالي وسيلن، ٻيٽن، سامونڊي پٽي ۽ زمين تي مالڪي جو حق سنڌ ۽ سنڌين جو آهي تنهنڪري پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار جيڪي به انهي خلاف فيصلا ڪيا آهن انهن کي رد ڪجي ٿو،اڄ جو جلسا عام گهر ٿو ڪري ته مهانگائي جي خاتمي لاءِ وي آءِ پي ڪلچر ۽ سرڪاري شاه خرچين جو خاتمو آندو وڃي ۽ امير طبقي جي مفادن واريون معاشي پاليسون تبديل ڪري اڻسڌي ٽئڪس کي گهٽائي سڌي ٽئڪس جي شرح ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جئين غريب عوام تان معاشي بار گهٽجي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں