ڪراچي (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڊجيٽل آدمشماري خلاف شروع ڪيل احتجاجي ڪئمپ 16 ڏينهن به جاري رهي ڪئمپ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس گلزار سومرو ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، قادر چنا ، نثار ڪيريو ، حيات تنيو ، عاشق ٿهيم جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين گلزار سومرو ڳالهائيندي چيو ته اسان جي 4 مارچ کان شروع ڪيل هي احتجاجي ڪئمپ اڄ 20 مارچ تي پڄاڻي تي پهچندي ۽ اڄ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي پريس ڪلب اڳيان ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو جنهن ۾ هزارين ڪارڪن شريڪ ٿيندا. هن چيو ته اڄ کان جدوجهد جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو جنهن جو اعلان سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي پريس ڪلب آڏو قائم احتجاجي ڪئمپ تي ڪندو. ٻي طرف حيدرآباد مان جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سڄي سنڌ احتجاج ڪري هن ڪوڙي بوگس ۽ سازشي آدمشماري کي رد ڪري چڪي آهي ان ڪري اهو حڪمرانن تي فرض ٿئي ٿو ته هن تڪراري آدمشماري تي وڌيڪ قوم جو پئسو ضايع ڪرڻ بدران ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن هي آدمشماري ملتوي نه ڪئي ته هن آدمشماري جا انگ اکر تسليم نه ڪيا ويندا. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سياسي جدوجھد جاري رهندي. هن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته آدمشماري صرف ماڻهن جي ڳڻپ جو معاملو ناهي پر اهو سنڌ جي قومي بقاءُ ۽ حق حاڪميت سان لاڳاپيل مسئلو آهي جنهن ڪري هن سازشي آدمشماري خلاف اڄ منجهند جو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڊجيٽل آدمشماري خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري هن سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪري.
