بدين(ڊ ر) بدين ضلع جي آر او ۽ فلٽر پلانٽن جي ملازمن جي جدوجهد رنگ لاٿو گذريل ستن ڏينهن کان ھنن ملامن طرفان کين اٺن مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاجن بدين پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال شروع ڪري ڏني جيڪي خبرون ميڊيا تي اچڻ کانپوء پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي بدين ۾ نئون بدلي ٿي آيل انجنيئر راجو قريشي بدين پھچي بک ھڙتال تي ويٺل ملازمن سان ملاقات ڪري کين سندن رھيل پگھارون جلد ڏيارڻ ۽ کين ھر مھيني پگھارون ڏيڻ جل يقين ڏيارڻ کانپوء ملازمن طرفان بک ھڙتال ۽ احتباج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي سڀ بند ڪيل آر او ۽ فلٽر پلانٽ کولي شھرين کي صاف پاڻي جي سپلائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
