حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي عورت وڪيلن جو اتحاد قائم قائم ٿي ويو، جنهن جي افتتاحي تقريب حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، سنڌ وومين لايرس الائينس جي نالي سانجوڙيل اتحاد ۾ سڄي سنڌ جي عورت وڪيلن کي شامل ڪري عورت وڪيلن جي مسئلن جي حل، جنس جي بنياد تي ٿيندڙ حراسمينٽ، اڻ برابري، انصاف ۽ قانون جي ادارن، بار، سرڪاري آفيسن ۽ تعليمي ادارن توڙي ٻين هنڌن تي عورت وڪيلن سان پيش ايندڙ مسئلن جي حل ۽ حقن جي حاصلات جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن اتحاد جي ذريعي ظلم ۽ جبر جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ نياڻين جي لاءِ به قانوني مدد سان گڏ سندن تحفظ جي لاءِ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ويندو، ڳوٺن جي سطح تي وڃي عورتن کي آئين ۽ قانون ۾ ڏنل حقن بابت ڄاڻ ڏني ويندي. ڪالهه حيدرآباد ۾ ڪلب ۾ “سنڌ عورت وڪيلن جي اتحاد” جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز، مٽياري، خيرپورميرس ۽ ٻين شهرن مان عورت وڪيلن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اتحاد جي صدر ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي ڳالهائيندي چيو ته هي اتحاد سنڌ جي هر ضلعي ۾ عورت وڪيلن جي سهائتا ڪندو، ان سان گڏ سنڌ ۾ عورتن، نياڻين ۽ ٻين مظلوم طبقن سان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف به آواز اٿاريندو، متاثر عورتن کي قانوني مدد فراهم ڪندو، هن اتحاد جي ذريعي عورتن کي سندن آئيني ۽ قانوني حقن جي ڄاڻ ڏني ويندي. هن چيو ته اسان وٽ وڪيل عورتن جي لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون موجود آهن، اسان عورت وڪيلن جو ڪو الڳ پليٽ فارم ناهي، جنهن جي ذريعي پنهنجو آواز اٿاري سگهون. هن چيو ته بار ۾ عورتن جي شموليت تمام گهڻي گهٽ آهي، عورت وڪيل بار جي سرگرمي کان ڪٽيل هوندي آهي، ان ڪري اهو ضروري آهي ته عورت وڪيلن جي مسئلن تي ڪو گڏيل پليٽ فارم جوڙجي. هن چيو ته حراسمينٽ جي حوالي سان قانون ته جڙيل آهي، پر ان قانون ۾ اهو طئه ٿيل آهي ته هر اداري اندر هڪ ڪميٽي به جوڙي ويندي جيڪا حراسمينٽ جي حوالي سان شڪايتن کي ڏسندي، پر افسوس سان ڪٿي به اها ڪميٽي جڙيل ناهي. هن چيو ته ادارن اندر عورتن جي لاءِ سهولتون موجود ناهن هونديون، ساڳي صورتحال عدالتن جي عمارتن ۾ به آهي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته عورت وڪيلن جي حقن ۽ تحفظ جي لاءِ ڪا قانونسازي ڪرائجي، جنهن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، عورت وڪيلن جي تربيت جي لاءِ ماحول سازگار ناهي، جڏهن ته مرد وڪيلن جي لاءِ ٽريننگ سان گڏ سندن تربيت جي لاءِ تمام گهڻيون سهولتون موجود آهن. روبينا چانڊيو چيو ته هي اتحاد مظلوم عورتن ۽ طبقن جي لاءِ آواز اٿاريندو، اسان شهرن کان ويندي ڳوٺن تائين پنهنجو پيغام پهچائينداسين. هن چيو ته ٿاڻن ۽ عدالتن ۾ متاثر عورتن جي لاءِ ماحول کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، وڪالت هڪ پيشو آهي، عورتن کي ان پيشي جو حصو ٿيڻ گهرجي، ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌڻ بجاءِ ڇوڪريون قانون ۽ انصاف جي مورچي کي سنڀالين. ايڊووڪيٽ ريحانه صديقي چيو ته ڏکئي کان ڏکيو ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي ختم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، ان ڪري عورت وڪيلن مظلوم عورتن ۽ نياڻين جي حقن ۽ مسئلن جي لاءِ جيڪڏهن اتحاد جوڙيو ويو آهي ته ان کي مستقل مزاجي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايڊوڪيٽ ريحانه نظير گجر چيو ته عورت وڪيل هوندي اسان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهيون، پر انهن مسئلن جي حل جي لاءِ اسان جو ڪو سگهارو آواز نٿو اٿي، بار جي چونڊن ۾ جيڪي عورتون چونڊون وڙهي ڪامياب ٿين ٿيون انهن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيون عورت وڪيل به بار ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن. خيرپورميرس سان تعلق رکندڙ ايڊووڪيٽ عائشه کنڊو چيو ته خيرپور ۾ منهنجو پهريون عورت وڪيل جو چيمبر آهي، بار ۾ به عورت وڪيلن سان برابري وارو رويو اختيار نه ڪيو ويندو آهي، عورت وڪيل تمام گهڻو ذهني دٻاءُ جو شڪار رهن ٿيون، اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان ۾ عورتن کي اڳتي اچڻ نٿو ڏنو وڃي، پر جيڪي عورتون اڳتي اچڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ته انهن جي آڏو به رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون، جيڪڏهن ڪا عورت وڪيل پنهنجو چيمبر کولي ٿي ته چيمبر کولڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون، عورت وڪيلن سان حراسمينٽ جا واقعا ٿين ٿا، عورت وڪيلن کي پاڻ ۾ همت پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هو پاڻ کي تيار رکن. شهدادڪوٽسان تعلق رکندڙ ايڊوڪيٽ نادرا سيلرو اسان وڪيل هجڻ باوجود به طبقاتي نظام جي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهيون، بار ۾ عورت وڪيلن جي لاءِ سهولتون ناهن، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر کانسواءِ باقي ٻين ننڍن شهرن ۾ عورت وڪيلن جو تعداد به تمام گهٽ آهي، پر جيڪي عورت وڪيل پنهنجن شهرن ۾ وڪالت ڪن ٿيون انهن کي پريشان ڪيو وڃِ ٿو. حيدرآباد جي وڪيل ايڊووڪيٽ سيما کوسو چيو ته وڪيل عورتون رڳو وڪيلن نه پر عدالت جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي حراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون، ان ڪري عورت وڪيلن جي لاءِ اهڙو پليٽ فارم موجود هجڻ گهرجي جيڪو عورت وڪيلن جي تحفظ ۽ حقن جي لاءِ آواز اٿاري. حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڪينسر جي مرض سان جهيڙيندڙ ايڊووڪٽ سائڪه انصاري چيو ته عورت وڪيلن کي بار جي چونڊن ۾ هر صورت ۾ حصو وٺڻ گهرجي، مون تازو بار جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي. هن چيو ته آئون 2011ع کان وٺي ڪينسر جي مريض آهيان، پر چونڊن ۾ ڪينسر جهڙي بيماري جو ٻڌائي پنهنجي جي لاءِ همدردي وارو ووٽ وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ڇو ته ڪاميابي پنهنجي همت سان حاصل ڪرڻ گهرجي. ايڊووڪيٽ ثنيه ملاح چيو ته ڊسٽرڪٽ بار جي چونڊن ۾ اسان عورت وڪلين حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي، عورت وڪيل جيڪڏهن اڳتي اينديون ته پنهنجي جاءِ ضرور ٺاهي سگهن ٿيون. ايڊووڪيٽ سميرا قاضي چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ کانپوءِ اسان کي ماڻهن چيو پئي ته توهان کي ڪير ووٽ ڏيندو، پر اسان پوءِ به چونڊن ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي ماروي اعواڻ، رخسار ٻرڙو ۽ ٻين پڻ ڳالهايو.
