خيرپور ۾ شاهه حسين پوليس جي زيادتين خلاف شهرين جو احتجاج

خيرپور (ڊ ر) يونين ڪائونسل خانپور جي چيئرمين شوڪت جوڻيجو، وائيس چيئرمين رياض ميتلو، معزز شهرين  شفقت حسين خاصخيلي، اسدالله ميتلو، منصور بروهي، محمد علي مهر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اٽڪل 20 ڏينهن اڳ  شاهه حسين ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحمت الله سولنگي، اي ايس آءِ شاهد خشڪ ۽ پوليس عملدارن ڳري رشوت عيوض مخالفن جي چرچ تي اڳوڻي ڪائونسلر ۽ معزز شهري سلطان مهر کي سري عام هوٽل تان کنڀي کڻي ويا، سلطان مهر جي کيسي ۾ پيل هزارين رويه روڪ ۽ سندس موٽرسائيڪل به پوليس کڻي وئي،  ۽ سلطان مهر خلاف شاهه حسين ٿاڻي جي منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن بعد ايس ايڇ او رحمت الله سولنگي جي پٽ راجا سولنگي هڪ پرائيوٽ هٿياربندن سان گڏجي سلطان مهر جي ڀاڻيجي عارف حسين مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هنن ٻڌايو ته سلطان مهر خلاف منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جي پويان بااثرن جا هٿ ملوث آهن، جن کي بي نقاب ڪيو وڃي، مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں