شهدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم پاران اڏول انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي ملهائي وئي

شهدادڪوٽ (رپورٽ: جاويد اختر ڪمبوھه ) شهدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم پاران اڏول انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي ملهائي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شهدادڪوٽ شهر جي ليبر هال ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم پاران انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي 5 ورسي ملهائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي ڪامريڊ وهاب پندراڻي، ڪامريڊ عرس سيلرو، داد بلوچ، فضل حسين حيدري، رستم جمالي، امداد لوهر، قادر بخش سيلرو ۽ ٻين ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي پورهيتن جي حقن لاء پوري زندگي ارپي ڇڏي، هنن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي عوامي جدوجهد عيوض ڪيتريون ئي رياستي اذيتون سٺيون ۽ دليري سان مقابلو ڪري پاڪستان ۾ ترقي پسند سياست کي نروار ڪري جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي، هنن چيو ته اڄ جي حالتن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙي بهترين ليڊرن جي ملڪ کي سخت ضرورت آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ظلم خلاف ويڙه جو نالو ۽ شاهي قلعي جو قاتح هو سندس جدوجهد نوجوانن لاء مشعل راه آهي، هنن چيو ته ڄام ساقي ايوبي ۽ ضيائي مارشلا جو مقابلو ڪيو هو پاڪستان جي مظلوم طبقي جي جدوجهد جو آواز هو، ان موقعي تي ديدار سومرو، مالڪ پندراڻي، سڪندر سيلرو، صديق ابڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سگهڙن مهانگائي خلاف پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد ماڻيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں