عوامي جمهوري پارٽي جون چونڊون، سيد لعل شاهه صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رشيد سڌايو چونڊجي ويا

ڪراچي(پ ر) عوامي جمهوري پارٽي جو تيرهون ساليانو مرڪزي ڪنوينشن اڄ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ پارٽي ۽ برادر تنظيمن جي سال جون نيون باڊيون چونڊيون ويون. جنهن ۾ صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، نائب صدر مير خادم ٽالپر، جنرل سيڪريٽري رشيد سڌايو،  جوائنٽ سيڪريٽري شاه محمد انڊڙ، فنانس سيڪريٽري شير چانڊيو، انفاميشن سيڪريٽري درياخان شيخ، آفيس سيڪريٽري ڪليم ملڪ، تعليمي تربيتي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، آڊيٽر چنا بنا مقابلي چونڊجي ويا ۽ برادر تنظيم سنڌي عورت تنظيم جي آرگنائيزنگ باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ ادي نظير قريشي، سعيده گوپانگ، نورجهان بلوچ، زينت چانڊيو فهمش ميمڻ، ساجده قاضي، نازيه ڀٽي، شهزادي ڀرڳڙي، سنيتا، نسيم لغاري، سنبل قريشي، صغرا سيال، مزلال شاهه، شهناز سومرو چونڊيون ويون، ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي مرڪزي باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ صدر گلاب راءِ، سيئينر نائب صدر وجدان سيال، نائب صدر ڪنور پرمار، جنرل سيڪريٽري مڪيش ڪمار، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالله ڪاتيار، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بصير ڳورڙ، خزانچي ڪاشف ابڙو، رابطا سيڪريٽري پرڪاش ڪمار ۽ آفيس سيڪريٽري معمر لانگاهه چونڊيا ويا ۽ هاري مزدور تنظيم جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ نورنبي راهوجو، دين محمد قريشي، محمد صلاح چانڊيو، عبدالڪريم شر، اڪرام چانڊيو ۽ انور ڳچل چونڊيا ويا. چونڊيل عهديدارن کان پارٽي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر امير گل ڪٽوهڙ حلف کڻايو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ پندرنهن سالن ۾ عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، تنهن ڪري اخلاقي طرح اقتدار ۾ رهڻ جو حق وڃائي ويٺي آهي. سنڌ جا 90 سيڪڙو ماڻهو زهريلو پاڻي پي رهيا آهن جيڪا حڪومت جي نااهلي جي کليل نشاني آهي. سنڌ جون اسپتالون ڪوس گهر لڳيون پيون آهن، روڊ تباهه هجڻ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري زراعت تباهي جي طرف وڌي رهي آهي آبادگار ۽ هارين کي بهتر حق نه ملڻ ڪري اهي پنهنجو خرچ به نه ٿا ڪڍي سگهن ۽ لکين روپين جا قرضي ٿي ويا آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نه ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن، پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگھي. پاڪستان  کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي، سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻجي رهيو آهي. اڳواڻن چيو ته پاڪستان سنگين اقتصادي بحران طرف وڃي رهيو آهي پاڪستان ھن وقت شديد بحران ۾ آھي ملڪ شديد مسئلن ۾ گھيريل آھي پر وڏين سياسي پارٽين جون نگاھون اقتدار جي ڏي وٺ ۾ آھن پاڪستان جو 80 سيڪڙو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آهي. ملڪ ۾  عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري سدائين بحراني حالتون رهيون آهن. جمھوريت جو مطلب برابر آھي، ناانصافي ۽ اڻبرابري واري روش محروميون پيدا ڪيون آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں