حيدرآباد (پ ر) هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت وومين پروٽيڪشن سينٽر سنڌ جي سهڪار سان سيمينار هال ٽنڊو حيدر ۾ قدرتي آفتن ۾ انساني حقن جي مسئلن تي هڪ ڏينهن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ مختلف کاتن جي ماڻهن، اقليتن، تعليمي ماهرن، يونيورسٽي جي شاگردن، مذهبي ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سماجي ڪارڪنن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آگاهي سيشن جو ڌيان انساني حقن جي قانونن تي هو ۽ سنڌ ۾ آفت واري صورتحال ۾ عورتن، ٻارن، ٽرانس جينڊر ۽ اقليتن کي درپيش مسئلن تي هو، جن کي عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جنسي ڏاڍائي ۽ تشدد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سيمينار ۾ ماهرن قدرتي آفتن ۾ درپيش انساني حقن جي مسئلن، انساني حقن جي قانونن، اسٽيڪ هولڊرز جي ڪردار، موجوده نظام ۾ رهندي حقن ۽ قانونن بابت آگاهي ۽ برابري جي بنياد تي انصاف ڪيئن فراهم ڪري سگهجي ٿو، تي روشني وڌي. حڪومت کي ٻڌايو ته ڪيئن انساني حقن جي قانونن ۽ پاليسين کي قدرتي آفتن ۾ لاڳو ڪري سگهجي ٿو. پروگرام ۾ سي اي او وومين پروٽيڪشن سينٽر ماروي اعواڻ، اي ڊي لوڪل گورنمينٽ رورل ماروي سومرو، انسپيڪٽر صدف رباب، عاشق ڪلهوڙو، خصوصي معاون تنزيله قمبراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
