لاڙڪاڻي ۾ نامياري اديب، محقق ۽ تاريخدان جيئل اوڏ جي نئين ڪتاب سڄڻن جا ساريو سانگ جي مهورتي تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻو(پ ر) سنڌ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي پاران نامياري اديب، محقق ۽ تاريخدان جيئل اوڏ جي نئين ڪتاب ”سڄڻن جا ساريو سانگ“ جي مھورتي تقريب ذڪر ڪيل اسڪول ۾ٿي. ھن موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي ناليواري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو ته موجوده دور ۾ پي – ايڇ – ڊي جون ڊگريون گرانٽ تي ملي رھيون آھن ته باقي سماج مان سچائيء جي ڪھڙي اميد رکجي? پر پوء به جيئل اوڏ جھڙا ماڻهو مشڪلاتن جي باوجود به سچائيء سان لکي رھيا آھن . جيئل اوڏ جو ھي ڪتاب ادب جي دنيا ۾ ھڪ سٺو واڌارو ثابت ٿيندو . ھن چيو ته تحقيق ڪرڻ ھڪ ڪٺن ڪم آھي ، جنھن جي لاءِ وڏا حيلا ھلائڻا ٿا پون. خاص مھمان ڊاڪٽر بشير احمد شاد چيو ته جيئل ۽ مان اسڪول جي زماني کان ئي ھڪ بينچ تي ويھي پڙھيا آھيون . ھن کي اسڪول جي زماني کان ئي سوچ ۽ لوچ جي جيڪا ستي پيل آھي، تنھن کيس سٺو محقق بڻائي ڪتابن لکڻ تي اڪسايو آھي . جيئل جي لکڻين ۾ صاف گوئي ۽ سچائيء جا عڪس نمايان آھن. صاحب ڪتاب جيئل اوڏ چيو ته مان سنڌ ۽ سنڌ لفظ سان محبت ڪيان ٿو ، انھيء ڪري مون جيڪو به ڪجھ لکيو آھي اھو سنڌ جي محبت ۾ ئي لکيو اٿم . مان چاھيان ٿو ته اڃان به وڌيڪ لکان.سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر سيد اظھر علي شاھ اعززي مھمان طور ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي اڪثر تاريخ مفروضن تي ٻڌل آھي پر جيئل اوڏ جيڪو تحقيقي ڪم ڪري ٿو اھو پڪن ثبوتن، دليلن ۽ سچائين تي مشتمل آھي . نامياري تعليم دان ۽ اديب مختيار سمون اعزازي مھمان طور ڳالھائيندي چيو ته جيئل اوڏ جو ھي ڪتاب شخصي خاڪن، يادن ۽ لاڙڪاڻي جي ماڳن مڪانن تي لکيل آھي ، جيڪو سورھن آنا سچائيء تي مشتمل آھي. جيئل جو ھي ڪتاب اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن جي شاگردن کي پڙھائڻ گهرجي ته جيئن انھن کي ماضيء جي ڀرپور ڄاڻ حاصل ٿئي . ناليواري صحافي نثارکوکر ڳالھائيندي چيو ته جيئل اوڏ جو ھي ڪتاب ادب جي جهوليء ۾ ھڪ سٺو ۽لاڀائتو اضافو آھي . سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري استاد گل دايو اعزازي مھمان طور ڳالھائيندي چيو ته اسين اديب ۽ شاعر پنھنجي لاء نه پر حال ۽ مستقبل جي نئين نسل لاء لکندا آھيون ، جيئل جو ھي ڪتاب به نئين نسل لاء لاڀائتو ثابت ٿيندو پروگرام جي ميزبان ڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس يامين بلوچ سڀني آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ڪتاب تي ڳالھائيندي چيو ته جيئل اوڏ ھڪ صوفيا ڻي مزاج جو ، انسان دوست شخص آھي ھن جي ڪتاب ۾ ماضيء جي شخصيتن ۽ لاڙڪاڻي جي ماڳن مڪانن تي ڀرپور نموني سان خيال آرائي ٿيل آھي. انھن کان سواءِ ڊاڪٽر احسان دانش، عيسي! ميمڻ، جھانگير عباسي ، امام راشدي، رضوان گل، عبد الستار ڪوريجو، ڄام جمالي، احمد علي صابر چانڊيو، ڪوڙل قربدار ۽ ڪامريڊ ڪريم بلوچ، تقريرون ڪيون. پروگرام ۾ نوي کان مٿي شاعرن اديبن ، استادن استادياڻين ، شاگردن ۽ ادب دوستن شرڪت ڪئي جن ۾ ڊاڪٽر مولا بخش ڪلھوڙو، اياز ڀاڳت، منير ڊومڪي، مصور منگي، اعجاز سولنگي، حسين ڪنڀر، بقاءُ الله بوزدار، قادر جاگيراڻي، جان محمد لھر، ڊاڪٽر جئه پرڪاش، نثار مغيري، خالد سيال ۽ ٻيا شامل آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں