مٺي ۾ آرٽس ڪائونسل پاران انساني حقن بابت سجاڳي سيمينار منعقد

مٺي(پ ر)سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي سهڪار سان آرٽس ڪائونسل ٿرپارڪر پاران مٺي جي بينظير ڪامپليڪس هال ۾ انساني حقن بابت سڄاڳي سيمينار ٿيو، جنهن کي ليکڪ خالد جوڳي خطاب ڪندي چيو ته اسان جيڪو سوچيون ٿا اۡهو اظهاري نٿا سگهون، هن رياست ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اظهار جي آزادي آهي، انساني حقن جي ڳالھ هرڪو ٿو ڪري پر ان تي عمل تمام گهٽ ٿئي ٿو، هن جديد سائنس جي دور م حق وٺن آسان آهن بس عوام کي اهڙن پروگرامن ذريعي سجاڳي جي ضرورت آهي، چمن آر ٿري چيو ته هر انسان جو اهو بنيادي حق آهي ته کيس اظهار ۽ سوچ جي آزادي هجڻ گهرجي، اشوڪ خاموش خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ايڪيهين صدي جي تقاضا مطابق پنهنجا بنيادي حق سمجهڻ کپن ۽ انهن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي. اسان اڄ جي هن جديد دور ۾ به دنيا کان 50 سال پوئتي جي رهيا آهيون. اسان وٽ انساني حق رڳو ڪاغذي ڪاروائي سان اسٽيجن تي پيش ٿيندڙ تقريرن تائين محدود رهيا جن کي انساني حقن جي کاتي پاران عوامی سجاگی لا عوام تاعین رسایا و یا آهن جڏهن ته سيمينار کي شولال ماناڻي، مهي پال شرما، روشن راڄاڻي به خطاب ڪيو، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تقريرون ۽ رقص به پيش ڪيو ويو، آخر ۾ رميلا ڪماري، ڀويتا ڪماري، ڪائينات، ڪرشما، اويس ڪمار ۽ ٻين کي ايوارڊ به ڏنا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں