ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم جي ڳوٺ ماڻڪ ٿهيم جي رهواسڻ 18 سالن جي نوجوان ناري شبانه زال مير محمد کوسو پنهنجي مڙس علي شير کوسو سان گڏجي پريس ڪلب ٽنڊوآدم ۾ صحافين آڏو داهيندي چيو آهي ته 2 مهينا اڳ منهنجي پيءُميرمحمد کوسو منهنجي شادي علي شير کوسو سان ڪرائي ۽ هڪ مهيني بعد آئون جڏهن مائٽن وٽ گهمڻ ويس ته هنن مون کي مڙس کان 2 لک روپيه وٺي ڏيڻ لاءِ چيو منهنجي انڪار تي منهنجي پيءُميرمحمد کوسو ، ڀائرن حاڪم ۽ دائود مون کي ناحق بند ڪري تشدد جونشانو بڻايو ۽ منهنجي شادي ٻئي هنڌ نڪاح مٿان نڪاح ڪرائڻ لاءِ چيو جنهن کان پوءِ آئون وجهه وٺي ڀڄي نڪتس ۽ پنهنجي ساهرن ۾ اچي ويس جنهن بعد منهنجا مائت مون کي منهنجي مڙس ۽ ساهرن کي موت مار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن پيءُ ۽ ڀائرن سميت ڌڻي بخش ، محمد بچل ، گمشاد ۽ ٻين مان جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آهي هن چيو ته مائٽن پاران منهنجي مڙس ۽ ساهرن تي پهريان اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو جيڪو عدالت جي حڪم تي ختم ڪيو ويو ۽ هاڻي وڌيڪ ڪوڙا ڪيس ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن هن چيو ته منهنجو پيءُ ايس پي جو اردلي آهي جنهن ڪري پوليس به اسان جي مدد نه ٿي ڪري ۽ مائٽ وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا هن وسوارن کان انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آهي .
