پ پ سرڪار تعليمي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي:عاطف ملاح

ملير (پ_ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ مرڪزي اڳواڻ سميع ابڙي پپري ۽ خان محمد ڳوٺ ۾ شاگردن سان گڏجاڻيون ڪيون. سنڌ ۽ پاڪستان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھہ ٻولھ ڪئي وئي، ڪراچي اندر ايس ايس ٽي جي ڪم کي وڌائڻ لاءِٰ مختلف علائقن ۾ تربيتي ڪلاس ۽ اسٽڊي سرڪل ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 2 اپريل تي ڪراچي ۾ ھڪ ڏينھن جو تعليمي ورڪشاپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي گڏجاڻين کي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو تہ پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪرپشن جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پئسن ۽ سفارش تحت وائيس چانسلر جي ڀرتي ڪئي وڃي ٿي، جنھن سبب ھر سال ھزارين روپيا فيس وڌائي ان جي اوڳاڙي شاگردن مان ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ تعليم پرائڻ ڏکيو بڻجي ويو آھي. فين ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ تحت ليپ ٽاپ ڏنا وڃن، تہ جيئن سنڌ جا غريب شاگرد بھتر نموني سان تعليم پرائي سگھن. ھن چيو تہ سنڌ جو تعليمي نظام راولپنڊي جي نجي ڪمپني کي ڏنو ويو آھي، جنھن سبب سنڌ جي شاگردن جو مستقبل خطري ھيٺ آھي. سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليمي کي نظام کي پنجاب جي ماتحت ڪرڻ چاھي ٿي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي. سنڌ جي تعليمي نظام کي پنجاب جي ڪمپني کي ڏيڻ بجاءِ سنڌ جي ڪنھن ساک واري اداري کي ڏنو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ يونيورسٽي سان افيليٽڊ لا ڪاليج ڇھہ ماھي سيميسٽر 12 مھينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ وٺن ٿيون، جنھن سبب شاگردن کي ڊگري وقت سر نٿي ملي، غريب شاگرد امتحانن ۾ دير سبب پريشاني جو شڪار ٿين ٿا، اسين مطالبو ٿا ڪيون تہ قانون جي شاگردن جا امتحان وقت سر وٺي سندن کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں