چوهڙ جمالي(ن س)شاهبندر سجاڳ فورم پاران وڌندڙ مهنگائي بدامني ۽ چوهڙ سجاول روڊ جي رڪيل ڪم خلاف علامتي بک هڙتال ڪري ڪئمپ قائم ڪئي ويئي , چوهڙ جمالي هائي اسڪول جي مک گيٽ ڀرسان سياسي سماجي مذهبي ۽ ادبي تنظيمن جي گڏيل پليٽ فارم شاهبندر سجاڳ فورم پاران وڌندڙ مهنگائي , بدامني ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي واحد خاصخيلي , ڪاڪا شفاق ميمڻ , جمعيت علماءۡ اسلام ضلع سجاول جي جنرل سيڪريٽري حافظ فضل الله فياض مولوي اسدالله سنجراڻي , جيئي سنڌ محاذ جي رحيم بخش جمالي , مظفر جويو , پ پ شھيد ڀٽو جي سيد گل حسن شاھ , موسي بروهي سنڌي ادبي سنگت جي شڪيل پارس شھزاد ميمڻ سوشل ورڪر ٽيم جي فاروق آزاد ميمڻ , شاهد حسيني , چوهڙ جمالي پريس ڪلب جي ناشاد ملاح , ڪوي خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي علامتي بک هڙتال ۾ جمعيت علماء اسلام جي ضلعي اڳواڻ مولانا محمد صالح الحداد , مفتي نظير احمد خصوصي شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته شاهبندر سجاڳ فورم جي پليٽ فارم تان جدوجهد جو سلسلو جاري رهندو , چوهڙ سجاول روڊ کي اکوڙي تباھ ڪيو ويو آھي جنهن جي ڪري هتان جا ماڻھو عذاب ۾ مبتلا آھن چوهڙ جمالي جي شھرين کي وڏا خواب ڏيکاري ترقياتي ڪمن کي روڪيو ويو آھي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب ڪروڙين روپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن , انتظاميه جي نااهلي سبب چوهڙ جمالي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ چوري ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آھن پر پوليس انتظاميه ڪوبه تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناهي جنهن جي ڪري علائقي واسي ويل ۾ آھن , هنن وڌيڪ چيو ته وڌندڙ مهنگائي غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي غريب ماڻھو هڪ ويلي جي لاء پريشان آھن ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ ۽ پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن پر موجوده حڪومت ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو هنن چتاءۡ ڏنو ته جيڪڏھن مسئلا حل نه ڪيا ويا ته شاهبندر سجاڳ فورم جي پليٽ فارم تان جدوجهد جو سلسلو جاري رکيو ويندو
