باڊهه ۾ ٽائون ايڊيمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسر خلاف شهرين جي احتجاجي ريلي

باڊھ(رپورٽ:جي ايم چنجڻي) ٽائون ڪاميٽي جي نااھل ايڊمنسٽريٽر عاطف تنيو ۽ ٽائون آفيسر سڪندر ڀٽي خلاف شھرين ٽائون حال کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڪامريڊ اصغر نوناري, مرتضيٰ گوپانگ, احمد بشير ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ھن جديد دور ۾ به باڊھ واسي مٺي پاڻي کان محروم آھن واٽر سپلاء لائين ۾ خرابي آھي جنھن کي ٺيڪ ڪرڻ لا۽ ٽڪو به خرچ نٿو ڪيو وڃي ٽائون ڪاميٽي جي ماھوار سوا ڪروڙ بجيٽ راشي آفيسر ھڙپ ڪري ٿا وڃن جن کان ڪو به پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪونھي اسان جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي صاحبان به ٽائون ڪاميٽي جي نااھل ۽ راشي آفيسرن اڳيان بيوس بڻيل آھن ھنن وڌيڪ چيو ته باڊھ شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو جو چونڊ تڪ ھئڻ ڪري ھتان جي رھواسين کي سزا ڏني پئي وڃي ھنن چتاء ڏيندي چيو ته باڊھ واسين کي جلد پيئڻ جو پاڻي نه ڏنو ويو ته ٽائون آفيسر ۽ ايڊمنسٽريٽر جا پتلا ٺاھي سموري شھر ۾ گھمائي چوڪن تي ٽنگيا ويندا آخر ۾ ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت سڀني وس وارن کان گھر ڪئي ته باڊھ واسين کي پيئڻ لاء پاڻي مھيا ڪيو وڃي ۽ ٽائون ڪاميٽي ۾ ٿيل ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي انڪوائري ڪرائي ملوث ماڻھن کي سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں