بدين(ڊ ر)سنڌ حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ بدين جي چونڊيل نمائندن جي نا اھلي سبب سوا 2 ارب روپين جي ڪيڊٽ ڪاليج بدين جي تعمير رولڙي جو شڪار تفصيل موجب پيپلز پيپلزپارٽي جي پندرهن سالن جي اقتداري دور ۾ بدين کي ڏنل ڪيڊٽ ڪاليج جي اسڪيم سنڌ حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ بدين جي چونڊيل نمائندن جي نا اھلي سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويئي آھي ڪيڊٽ ڪاليج جي اڪيڊ مڪ بلاڪ سان گڏ شاگردن جي رھڻ جا 2 ھاسٽل ڪاليج عملي لاء ھاسٽل ۽ آفيسرن ۽ استادن لاء رھائشي ڪالوني بنگلوز ھاڪي فٽبال ڪرڪيٽ جا ميدان ۽ اسڪوائش ڪورٽ سوئمنگ پول پارڪ مسجد واٽر سپلائي ڊرينيج نظام وغيره سميت روڊن جي تعميرات سميت 73 ڪروڙ روپين جي لاڳت جي ھن اسڪيم جو 2015 ۾ ان وقت جي سينٽر ڊاڪٽر سڪندر علي مينڌري پيڙھ جو پٿر رکيو ھو ھي اسڪيم ٽن سالن اند مڪمل ٿيڻي ھئي ۽ 2019 کان ھن ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تدرسي عمل شروع ٿيڻو پر اٺون سال ھلي رھيو آهي ھي ڪاليج مڪمل نه ٿي سگهيو آهي پيپلزپارٽي جي ئي ھڪ اھم ذميوار ذريعي ٻڌايو ته 2015 ۾ مقاني ادارن جي چونڊن ۾ بدين مان مرزا گروپ جي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ ۽ 2018 جي عام چونڊن ۾ بدين جي ايم اين اي جي ۽ ٽنڊو باگو جي صوبائي سيٽن تي پ پ پ کي شڪست ڏيڻ جي ڏوھ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ۽ لاڙ ڪيمپس کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ واري اسڪيمن سميت ٻين اسڪيمن جا فنڊز وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اھو چئي جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته مرزا جي حلقي کي فند نٿا ڏيئي سگھون جنهن کانپوء ڪيڊٽ ڪاليج جي 73 ڪروڙ روپين جي اسڪيم مان صرف اڪيڊمڪ بلاڪ جو پنجاهه سيڪڙو تعميرات تي 35 ڪروڙ خرچ ٿي چڪا آهن جو ڪم بند آهي
