قمبر(ڊ ر) قمبر جي پرائمري استادن پ ٽ الف سٽي صدر طارق عزيز ڇڄڙو جي حڪم تي آئي بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي پگهارون نه ملڻ خلاف اسڪولن ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي تدريسي عمل جاري رکيو قمبر جي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول،حسين آباد اسڪول،مستوئي محله اسڪول،قادري محله،اقبال يوسف بروهي اسڪول،پرائمري اسڪول ٻرڙا ڪالوني،گورنمينٽ پرائمري باگوديرو سميت ڪيترن اسڪول جي استادن احتجاجي طور ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي تدريسي عمل جاري رکيو ان سلسلي پ ٽ الف سٽي صدر طارق عزيز ڇڄڙو چيو ته آئي بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي گذريل يارنهن مهينن کان پگهارون جاري نه ڪرڻ سندس معاشي طور ظلم آهي، جيڪا انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي جڏهن ته استاد پنهنجي اسڪولن ۾ پابندي سان تعليم ڏئي رهيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته آئي بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي جلد پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.
