لاڙڪاڻي ۾ سول سوسائٽي جو خانگي ليبارٽري انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سول سوسائٽي طرفان خانگي ليباريٽري جي انتظاميه خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرزاق لاشاري، فراز کهاوڙ، نعيم علي جتوئي، نويد علي جتوئي، نسيم علي ڀٽو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي وي آءِ پي روڊ تي قائم خانگي سائوٿ سٽي ليباريٽري ۾ ناتجربيڪار ٽيڪنيشن ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ليباريٽري ۾ ڪو به پيٿالاجسٽ مقرر ٿيل ناهي ۽ نه ئي ليباريٽري ۾ ٽيسٽن جون مشينون موجود آهن. هنن الزام لڳايو ته مختلف ڊاڪٽرن پاران مريضن کي ڄاڻايل ليباريٽري جو ڏس ڏنو پيو وڃي جتي مريضن جون ٽيسٽ رپورٽون فرضي طور تي ٽيڪنيشن جي آڌار تي جاري ڪيون پيون وڃن ان کان علاوه 50 روپين جي ڪٽ استعمال ڪري مريضن کان ڳريون فيسون وصول ڪيون پيون وڃن جيڪو ڪجهه ڊاڪٽرن جي ملي ڀڳت سان ڪميشن عيوض ڪري قيمتي انساني جانين سان کيڏيو پيو وڃي جتي ٽيسٽن دوران استعمال ٿيندڙ ڪٽس مدي خارج ۽ اوزار غيرمعياري آهن جنهن کي ساڙڻ لاءِ ڪي به جوڳا انتظام ناهن ڪيا ويا جنهن کي عام گندگي جي ڍيرن تي اڇلائي پيو وڃي جنهن سان بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو آهي جڏهن ته ليباريٽري اندر استعمال ٿيندڙ ڪٽس سرڪاري اسپتالن جون آهن جن جي چٽين تي واضع طور لکيل آهي ته اهي وڪري لاءِ ناهن. هنن صحت کاتي جي صوبائي وزير، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي چيئرمين سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته قيمتين انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سائوٿ سٽي ليباريٽري جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ان جي انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں