ماتحت عدالتن ۾ بدنظمي نظر پئي اچي، قانون جي عزت نه هوندي ته افراتفري هوندي: چيف جسٽس

ڪوئٽه (م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هجڻ گهرجي ۽ ترقي لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. جڏهن ته ملڪ جون حالتون اسان جي سامهون آهن ان ڪري اختلاف ڇڏي ملڪ جي لاءِ سوچڻ گهرجي. ڪوئٽه ۾ آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو ته نئين عمارت جي قيام سان انصاف حاصل ڪرڻ ۾ بهتري ايندي، الله اسان کان حق، آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪرائي. عمارت جي ڪابه اهميت ناهي هوندي، انصاف جي فراهمي اهم آهي. چيف جسٽس چيو ته قومن جي تقدير جا فيصلا عدالتي فيصلن سان نه قيادت سان ٿيندا آهن. بلوچستان جي ماڻهن ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون آهن بلوچستان کي جيتري ترقي ڪرڻ گهرجي ها اوتري ناهي ڪري سگهيو. بلوچستان ۾ ترقي نه ٿيڻ جي ذميواري صرف رياست تي نٿي وجهي سگهجي. صوبي جي ترقي لاءِ هر انسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هجڻ گهرجي ۽ ترقي لاءِقربانيون ڏيڻيون پونديون آهن ملڪ جون حالتون اسان جي سامهون آهن ان ڪري اختلافن کي ڇڏي ملڪ جي بهتري لاءِ سوچڻ گهرجي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته رياست ماءُ جيان هوندي آهي ۽ شهرين کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، اسان جي ذميواري آهي ته آئين ۽ قانون موجب ادارن جو تحفظ ڪريون. قانون ۽ عدالتن جو احترام هجڻ گهرجي. اسان ٻڌائي سگهون ٿا ته اهو رستو قانون ۽ ترقي جو آهي. چيف جسٽس چيو ته ماتحت عدالتن ۾ بدتميزي ۽ بدنظمي نظر اچي رهي آهي، قانون ۽ عدالت جي عزت نه هوندي ته افراتفري جي صورتحال هوندي. تڪڙن ڪيسز جي لاءِ اسان تڪڙو فارم ٺاهيو اسان وٽ ايترا وسيلا موجود نه آهن جيتري اوهان جي ضرورت آهي ان ڪري وڊيو لنڪ جي سهوليت کي استعمال ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں