ملير(ڊ.ر) شاهه لطيف ٽائون لڳ پارڪو جي مين پائپ لائن مان ڪلپ لڳائي تيل چوري ڪندڙ گروهه جي 5 ڄڻن کي شاهه لطيف ٽائون پوليس گرفتار ڪري ورتو، آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير حسن سردار نيازي صحافين کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن 11 مارچ تي پارڪو جي مين پائپ لائن ۾ سوراخ ڪري تيل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن سبب پائپ لائن ليڪ ٿي وئي هئي جنهن ڪري ڪروڙين روپين جي ماليت جو تيل وهي ڪري ضايع ٿيو هو، واقعي جو ڪيس پارڪو عملدارن جي مدعيت ۾ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جنهن بعد ايس ايس پي ملير جي هدايت تي ايس ايڇ او شاهه لطيف جي اڳواڻي ۾ پوليس جي خصوصي ٽيم جوڙي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو پوليس جي خصوصي ٽيم ڳجهي اطلاع تي ملير ندي لڳ ڪاروائي ڪندي 5 جوابدارن ظفرخان، حبيب بلوچ، سبحان جٽ، سيد خان، يوسف خان کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٽي جوابدار جاويد هزاري وال، محبوب سرائيڪي ۽ ملڪ حارث موقعي تان فرار ٿي ويا، هن چيو ته پوليس گرفتار جوابدارن وٽان هڪ ڊمپر جنهن جي اندر تيل جو ٽينڪ ٺهيل هو، لوڊنگ سوزوڪي، 4 عدد 9 ايم ايم پسٽل، 12 موبائل فونز، موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي ملير چيو ته فرار ٿي ويندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.
