ملير(ڊ.ر) گلشن حديد جي رهواسي واجد علي سندس زال نسيم اختر، پٽ اسامه رضي ۽ ٻين ٻارن سان گڏ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيوته منهنجي گهر واري نسيم اختر کي سندس مامو ڊاڪٽر افضل پنهنجي ماءَ سان ملڻ نه ٿو ڏي ۽ سندس والد پاران ڏنل زمين تي پڻ قبضو ڪري ورتو آهي، اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، واجد علي چيو ته ڪجهه سال اڳ مون دين اسلام قبول ڪري ٽن ٻارن جي ماءَ نسيم اختر سان نڪاح ڪيو هو جنهن کانپوءِ منهنجي گهر واري جي مامن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته تون ڪرسچن سان شادي ڇو ڪئي آهي جڏهن ته مون دين اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ شادي ڪئي آهي منهنجي گهر واري جا ماما ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ منهنجي سس سان مون کي ۽ منهنجي ٻارن توڙي گهر واري کي ملڻ نه ٿا ڏين اسان کي گهر اچڻ جي صورت ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن چيو ته ڊاڪٽر افضل، اسد افضل، ارشد يعقوب، محمد سليم، آفتاب ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، نسيم اختر چيو ته گذريل ڪيترن سالن کان منهنجا ماما منهنجي امڙ سان ملڻ نه ٿا ڏين، مون کي مليل جائيداد به ڦري ورتي آهي، زمين جا ڪاغذ به کسي ورتا آهن اسان جي زندگي کي خطرو آهي، هنن آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
