ڄامشورو( پ ر) مهراڻ يونيورسٽي جي ٽيڪسٽائل انجنيئرنگ شعبي پاران نينو ٽيڪنالاجي ۾ جٽادار ترقي(Sustainable Development in Nanotechnology ( جي عنوان سان ڪرايل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي محققن، ماهرن ۽ تعليمدانن چيو آهي ته ڪپهه جي پيداوار ۾ پاڪستان دنيا جو چوٿون نمبر وڏو ملڪ آهي پر پاڪستان جي ڪپهه مان تيار ٿيندڙ ٽيڪسٽائل جو معيار ۽ مقدار اهو ناهي جو ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. ماهرن پاران پيش ڪيل تحقيقي مقالن موجب پاڪستان جي ٽيڪسٽائل جي جاپان وڏي مارڪيٽ ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي سبيل ۽ تيار ٿيل ڪپڙي جي پر ان تي توجهه نٿي ڏني وڃي. ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ صنعتي ادارن ۽ تعليمي ادارن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو رواج ناهي، ان وٿي جي ڪري پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ تحقيق صنعتي ادارن جي ڪم ناهي اچي سگهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائل جو جيڪو سامان پاڪستان مان ايڪسپورٽ ٿئي ٿو انهي جو مقدار تمام گهٽ آهي، جيڪو وڌڻ گهرجي. ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪپهه جي صفائي سٿرائي ۽ معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن. محقق ۽ ماهرن چيو آهي ته ڪمپيوٽر کانپوءِ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ٻئي وڏي وک نينوٽيڪنالاجي آهي، جنهن مان اسان جي ملڪ کي فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي پرو وائيس چانسلر، ممتاز محقق ۽ سائنسدان ڊاڪٽر جميل انور چيو ته جديد سائنس ۾ نينو ٽيڪنالاجي کي تمام وڏي اهميت حاصل آهي، هن چيو ته زراعت ۽ فزڪس جي شعبي ۾ نينو ٽيڪنالاجي جو اهم ڪم آهي. هن چيو ته شيشي، آٽوميشن، دفاع، بجلي جي پيداوار سميت ٻين معاملن ۾ نينو ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته 1959 ۾ نينو ٽيڪنالاجي وجود ۾ آئي، جنهن جو ڪم زمانن تائين رهڻو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر محمد اقبال ڀنگر چيو ته روزاني جي بنياد تي دنيا تبديل ٿئي پئي، تبديل ٿيندڙ دنيا سان هلڻ لاءِ اسان کي تيار ٿيڻو پوندو. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم اسان جي ذهنن کي روشن ڪري ٿي، تعليم جي روشني ئي اسان کي ترقي جي منزل تائين پهچائيندي. هن چيو ته ملڪ ۾ 50 ۽ 60 جي ڏهاڪي ۾ بنيادي تعليم بهتر هئي شاگرد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنيادي خيالن ۽ وصفن کان سٺي نموني واقف هئا هاڻي ائين ناهي. هن چيو ته معلومات تمام گهڻي پکڙجي ٿي پر اڄ جي نوجوان کي ڄاڻ گهٽ آهي، گهرائي ۾ شيون ڄاڻڻ جو شوق ناهي. هن چيو ته هڪڙي زماني اندر ٿر ۾ پاڻي جي ڪري بيماريون پکڙيون ۽ اسان اهڙي تحقيق ڪئي پاڻي ۾ موجود مادن ۽ ڪيميڪلن جو توازن بگڙي ويو هو، جنهن جي حل لاءِ پاڻي کي پيئڻ لائق بنائڻ لاءِ هڪڙي مشين ٺاهي وئي جيڪا روزاني 50 گيلن پاڻي تيار ڪري ڏي پئي انهي مشين جي قيمت صرف ڏيڍ لک رپيا هئي ۽ بهترين پاڻي مليو ٿي پر وڏي خرچ وارا آر او پلانٽ لڳايا ويا جن مان اڪثر مرمت نه ٿيڻ ڪري بند پيل آهن. هن چيو ته اسان وٽ مسئلن جي حل لاءِ روايتي طريقن کي نٿو اپنايو وڃي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صنعتي ادارن جي نمائندي انجنيئر سراج الدين ميمڻ چيو ته جيڪو ڪجهه تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو انهي جو صنعتي ادارن ۾ ڪو استعمال ناهي. هن چيو ته آئون 25 سالن کان صنعتي ادارن ۾ ڪم ڪريان پيو ڊگري وٺي ايندڙ شاگردن کي صنعتي ادارن ۾ ڪم بابت ڪا ڄاڻ ناهي هوندي، هو جيڪو ڄاڻندڙ هوندا آهن اهو صنعتي ادارن جي ڪم جو ناهي هوندو. تقريب ۾ ڪانفرنس جي آرگنائيزر ۽ ٽيڪسٽائل شعبي مهراڻ يونيورسٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ذيشان کتري چيو ته هن ڪانفرنس ۾ ترڪي ۽ اٽلي جي پروفيسرن شرڪت ڪري ڪانفرنس جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي. جڏهن ته چائنا، پولينڊ ۽ آمريڪا جا محقق آن لائن ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي ڊاڪٽر اياز علي ميمڻ ۽ پروفيسر سيد طفيل حسين شاهه پڻ خطاب ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، سنڌ، مهراڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي استادن ۽ محققن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
