مڪاني چونڊن جو شيڊيول رد ٿا ڪيون، آدمشماري تي ريڊلائين ڪڍي ڇڏي اٿئون: بلاول ڀٽو

ڪراچي (بيورو) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو مڪاني چونڊن جو شيدول رد ڪيون ٿا ۽ سنڌ حڪومت کي چوان ٿو ته شيڊيول فوري طور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ ”ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز“ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ حيدرآباد ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ پ پ سڀ کان وڏي جماعت طور اڀري، الزام لڳندا هئا ته پ پ مڪاني چونڊون نٿي چاهي پر پ پ محنت ڪري چونڊ کٽي. هن چيو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالو ميئر هوندو ته قيامت اچي ويندي؟ هاڻ انهن کان هضم نه پيو ٿئي ته ڪراچي جو ميئر پ پ جو هجي، حيران آهيان ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿي چڪيون آهن پر عوام نمائندن کان محروم آهيون، ڄاڻي واڻي نمائندن کان محروم ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان انسانيت جي بنياد تي علاج ڪندا آهيون، اين آءِ سي وي ڊي هر صوبي ۾ سڄي قوم لاءِ ماڊل بڻجڻ گهرجي، صحت ۾ انقلاب مفت علاج آهي ۽ اين آءِ سي وي ڊي جو تسلسل رڪجڻ وارو ناهي، اين آءِ سي وي ڊي يورپ ۽ ڀارت جي ڪنهن اسپتال جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آدمشماري تي ريڊلائين ڪڍي ڇڏي اٿئون، الزام هنيا ويندا آهن ته پ پ اختيارن جي منتقلي نٿي چاهي، هاڻي ٻڌايو ته مڪاني چونڊون ڪير روڪرائي رهيو آهي؟ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالا ميئر اچڻ سان ڪهڙي قيامت برپا ٿيندي؟ اڄ تائين سنڌ جي عوام کي مڪاني نمائندن کان محروم رکيو پيو وڃي، عمران خان نفرت جي سياست ڇڏي جمهوريت روايتن کي هٿي ڏياري. هن جو چوڻ هو ته  نفرت جي سياست سان عمران خان جو ته نقصان ٿئي ٿو، پر ملڪ کي به نقصان پهچي رهيو آهي، پاڪستان معاشي، سياسي ۽ آئيني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں