ڀٽ شاهه ۾ جسقم جو سنڌ دشمن منصوبن خلاف پيادل مارچ

ڀٽ شاهه(ن س)جسقم پاران صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي شاهراهه کان درگاهه ڀٽائي تائين مارچ ڪيو ويو ۽ ڀٽائي جي در تي دانهن ڏني وئي سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀٽ شاھ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ مارچ ڀٽ شاھ ۾ جلسي اندر تبديل ٿي ويو درگاهه جي مک گيٽ سامهون جلسو ڪيو ويو شهرين پاران مارچ جي گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي جسقم طرفان قومي شاهراه کان درگاهه ڀٽائي تائين سنڌو درياءَ جو رخ موڙڻ، ڊجيٽل آدمشماري، مهانگائي ، بدامني، لاقانونيت، ڪرپشن ۽ منشيات خلاف مارچ ڪيو ويو پيادل مارچ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان گڏ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آڪاش ملاح، پنهل ساريو، ديدار شام، عبدالرشيد ڏيٿو، سيد ھاشم شاھ ، عابد شاهاڻي ، اياز سھتو سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شامل هئا جسقم جي پيادل مارچ جو ڀٽ شاهه قومي شاهراه کان رستي ۾ مختلف هنڌن تي استقبال ڪيو ويو فقير خادم حسين رند ۽ ٻين پاران گلن جا هار پارايا ويا، ڪارڪنن پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن ۽ ڪارڪن شاھ لطيف ڀٽائي جي مزارجي مک گيٽ تي پھچي سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جي دانهن ڏني ۽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي درگاهه گيٽ تي جلسي ۾ تبديل ٿيل مارچ کي خطاب ڪندي صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم پاڻ ۾ متحد ٿي ڌرتي جي دشمنن جو مقابلو ڪري، ڀٽائي کي دانهن ڏيڻ لاءِ لطيف جي نگري ۾ گڏ ٿيا آهيون موجوده حڪمرانن عوام کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، سنڌي عوام کي پاڻ ۾ انقلاب آڻڻ گهرجي، صنعان خان قريشي پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته هڪ سازش تحت سنڌو درياهه جو رخ تبديل ڪيو ويو آهي مهنگائي، بيروزگاري، بدامني، لاقانونيت، ڪرپشن ۽ منشيات جي آزار سبب عوام پريشان آهي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، شهيد بابا بشير خان قريشي جو مشن کڻي نڪتو آهيان سنڌ خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنداسين سنڌي قوم پنهنجا ويڇا وساري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سنڌ دشمنن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي،ڀٽ شاھ کان پوءِ هاڻي ڪراچي ۾ جسقم جو مارچ ڪري جلسو ڪيو ويندو جنهن لاءِ ڪارڪن تياري ڪن، مارچ کي ديدار شام، عبدالرشيد ڏيٿو، اشرف ڪلهوڙو ، اطهر سومرو ۽ ٻين به خطاب ڪيو،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں