ڄامشورو (ڊر) ڄامشورو ۾ سياسي سماجي شخصيت ۽ عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرمين شيخ عبدالله ڪوهستاني سان سرهي سانجهه ملهائي وئي، علي بابا آرٽس سرڪل ڄامشورو طرفان سنڌ جي سياسي سماجي شخصيت شيخ عبدالله ڪوهستاني سان سرهي سانجهه ملهائي وئي، سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ رٿيل سرهي سانجهه جي موقعي تي سڄي سنڌ مان آيل سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي اڳواڻن توڙي ٻين مھمانن صاحب رهاڻ شيخ عبدالله ڪوھستاني کي گلن، اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا. سرهي سانجهه ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو چيو ته شيخ عبدالله ڪوهستاني سماج جو اهو خدمتگار آهي جنهن جا ڪيترائي الڳ الڳ رخ آهن پاڻ تعليم جي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون هن وقت سڄي سنڌ ۾ وڃي ڪري سماجي ڪم ڪري رهيو آهي ان سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واپاري لاءِ به هڙان وڙان خرچ ڪري رهيو آهي، کيس هي مليل مڃتا سندس ڪم جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ برابر آهي تنهن باوجود کيس هي مڃتا ضرور اتساهه پيدا ڪندي. ڪوھستان ۽ ڪوٽڙي ۾ڀوتارڪي نظام جي خلاف مضبوط مزاحتي ڪردار ۽ ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ ملڪ چنگيز خان چيو ته ڪوهستان سوڌو سڄي سنڌ ۾ شيخ عبدالله ڪوهستاني خدمت جا تمام گهڻا ڪم ڪيا آهن، اسان جو ساٿي آهي، پاڻ حق ۽ سچ لاءِ پتوڙي رهيو آهي ڪڏهن به ڪنهن جابر جي اڳيان جهڪيو ناهي، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڪوهستان جي پهاڙن جيان اوچو ۽ اٽل بيٺل آهي.جسقم اڳواڻ ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته شيخ عبدالله غريبن جو هڏ ڏوکي آهي، سماج جي ڪردارن کي مڃتا ملڻ گهرجي. آل پاڪستان شيخ ڪميونٽي صوبي سنڌ جو صدر ۽ ھيومن رائيٽس فورم آف پاڪستان ضلعي ڄامشورو جي اڳواڻ مظفر شيخ چيو ته سماجي اڳواڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني سنڌ جو ٻيون ايڌي آهي، اسان هر مشڪل وقت ۾ کيس سرگرم ڏٺو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم سيوا جي صدر محمد علي گهانگهرو چيو ته شيخ عبدالله ڪوهستاني هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي، رب کيس وڏي ڄمار ڏئي. جڏهن ته تقريب کي صاحب رهاڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني ڳالهائيندي چيو ته آئون هي خوبصورت محفل رچائيندڙ ۽ مجبت جو ڳوٺ ٻڌندڙن جو انتهائي شڪرگذار آهيان، جن مون ناچيز کي مان بخشيو آهي، هن قسم جي مڃتا ملڻ سان اميد ته ٻين ماڻهن ۾ به عوامي خدمت جو جذبو پيدا ٿيندو. سرهي سانجهه کي سنڌ سماءُ کاتي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام رسول غرق، ضلعي دادو جي اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر غلام رسول چانڊيو، سنڌ سورمي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ماروي عابدہ سمون، رياض پارس ميمڻ، طارق آڪاش پنهور، عادل شيخ، عباس شيخ ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي شيخ عبدالله ڪوهستاني جي شخصيت ۽ سندس سماجي خدمتن تي روشني وڌي. تقريب ۾ سنڌ جي ناليوارن شاعرن حافظ محمد نظاماڻي، غلام رسول غرق، ديدار شام ۽ ٻيا پنهنجيون نڪور تخليقون پيش ڪيون، جڏهن ته ناليوارن راڳين دانش منظور ٿهيم، علي مراد جتوئي، سڪندر بڙدي، عادل علي مراد جتوئي، ساجد سنڌي، بالاچ خان حيدري ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد ماڻيو، ناليوارن سگهڙن سگهڙ قاضي بدر الدين ۽ سگھڙ محمد جمن ڀٽي ۽ مزاحيا فنڪار منظور چانڊيو به ڏات جي ڏيهه مان بيت پڙهي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. سرهي سانجهه جي آخر ۾ اصلاحي اسٽيج ناٽڪ ” اڄ جو انسان ” پڻ پيش ڪيو ويو . تقريب ۾ صوفي ۽ ماڊرن سائنس يونيورسٽي جي پي آر او ۽ ليکڪ شعبان وسطڙو، سنڌ يونيورسٽي يونين ڪائونس جي وائيس چيئرمين محمد ايوب لغاري، ڪائونسلر خادم حسين درس، صحافين حاڪم چانڊيو، غلام مصطفيٰ ميمڻ، لطيف شورو، علي مراد چانڊيو، محمد عظيم باريجو، راشد لاکير، ربنوازابڙو، وقار عباسي، عطا محمد پالاري، رضوان جتوئي، اعجاز برفت، سگا شاخ ڄامشورو جي اڳواڻ حافظ الهندو تيوڻو، سگا شاخ ڪوٽڙيءَ جو جنرل سيڪريٽري عبدالستار ڀٽو، الله جيئاريو ڀٽو، مشهور آرٽسٽ توفيق سولنگي، ڪامريڊ محمد سليمان ڀلائي، غلام رسول رند، امتياز کوکر، غلام نبي ڪيريو، راحل جوڻيجو، جمشيد برھماڻي، شيخ عبدالغفور، شيخ محمد علي، پروفيسر عبدالجبار نظاماڻي، صيفل پالاري، اياز خاصخيلي، حافظ سڪندر ڀٽ، مقدر ڀٽ، غلام شبير ٻنگھ، ايڊووڪيٽ نعمان مغل، اختر ڪانڙو، لاھوتي برفت ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ شيخ عبدالله ڪوهستاني کي تحفا پيش ڪيا.
