ڄامشورو ۾ لمس ملازمن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ مقابلا،فائنل ڊي آر ليب جي ٽيم کٽي ورتو

ڄامشورو (ڊ ۔  ر) لياقت يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنسز ڄامشورو جي ملازمن جي نمائندا تنظيم لسوا جي ميزباني ۾ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جي سھڪار سان ملازمن جي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرايو ويو ٽورنامينٽ ۾ لمس يونيورسٽي جي 20 مختلف ڊپارٽمينٽن جي ملازمن جي ٽيمن حصو ورتو جيڪو مسلسل جاري رھندي اڄ فائنل ميچ آب لمس ٽيم ۽ ڊي آرليب ٽيم جي وچ ۾ مقابلو ٿيو جنھن ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي آب لمس جي ٽيم 95 رنسون ٺاھيون جڏھن ته ڊي آر ليب جي ٽيم ان حدف کي 7 اوورن ۾ پورو ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي ـ ان موقعي تي ڪامياب ٽيم ۽ رنر ٽيم جي رانديگرن ۾ ٽرافي شيلڊون ۽ ڪپ ڏنا ويا  لمس جي رجسٽرار حاجي محمد شيخ ـ ڪنٽرولر فتح محمد عباسي ـ  ڊپٽي رجسٽرار جنرل ڊاڪٽر پرويز گلو ـ  ڊاڪٽر محبوب سنجراڻي ـ ڊاڪٽر سڄڻ ھاليپوٽو ـ ميڊم مسرت ابڙو  ڊاڪٽر عبدالرحيم شيخ ـ ڊائريڪٽر اسپورٽس فيصل لغاري ـ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس صلاح الدين ميمڻ ـ اسپورٽس آفيسر منور ڀٽو . مھراڻ يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم ميوا جي صدر علي محمد شورو  لسوا اڳواڻن سعيد احمد لاشاري مخدوم اشفاق قربان سومرو واجد خاصخيلي اشفاق راجپر نياز چانڊيو  انور سولنگي اختر قريشي وحيد بروھي محمد ھاشم ڏاھاڻي  سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں