ڊگهڙي ۾ ڀاڻ ۽ ٻج جا پئسا نه ملڻ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

ڊگهڙي(ن س) ڊگھڙي ۾ آباد گارن پريس ڪلب ڊگھڙي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو جنھن ۾ سخت نعري بازي ڪئي وئي جنھن کي اڳواڻن رفيق احمد جٽ , نياز حسين ڪلوئي,شھباز راجپوت عظيم راجپوت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جي پيسن  ڏيڻ جو اعلان ڪيو  ھو پر آبادگارن نه مليا آھن  آبادگار روز ڊوائيسن جا چڪر ڪٽي ڪٽي ٿڪجي پيا آھيون جڏھن پيسن وارو ميسيج به اچي ويو آھي پر پيسا ڍوائيس وارا چون ٿا ڪو نه آيا آھن ان ايڏي  وڏي مھانگائي ۾  روز ڪرايو ڀري ڊوائيسن تي اچو ٿا پر مايوس ٿي گھر موٽيو وڃون جيڪڏھن حڪومت کي پيسا نه ڏيڻا ھئا ته اسان جي تذليل نه ڪري ھا اسان وزيراعلي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کي مطالبو ٿا ڪيو ته آبادگارن کي پيسا جلد ڏنا وڃن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں