ڪراچي(بيورو رپورٽ) پ پ منارٽي ونگ ڪراچي جي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر راڪيش موتياڻيءَ چيو آهي ته ھندو ڪميونٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ھڪ ٻئي سان روح جو رشتو آھي ، شھيد بينظير ڀٽو وانگر چئيرمين بلاول ڀٽو بہ ھندو برادري سان ساڳي محبت ڪري ٿو . ڊاڪٽر راڪيش موتياڻي اھا ڳالھ ھتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي ھن چيو ته پ پ ھميشا اقلتين جي مالڪي ڪئي آھي .ھر ديوالي ۽ ھولي ۾ خصوصي فنڊز جاري ڪري مستحق ماڻھن جي مدد ڪندي آھي. مندرن ۽ چرچن جي اڏاوت ۽ سيڪيورٽي پھرين ترجيع آھي . پ پ جي سنڌ حڪومت ئي ھندو چائلڊ ميرج بل پاس ڪرايو آھي .ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ پڻ ھڪ ھندو آھي جيڪو پيپلز پارٽي جو سيڪيولر ۽ لبرل ھئڻ جو ثبوت آھي .اقلتين جي پنج پرسنٽ نوڪرين جي ڪوٽا تي ب پ پ جي ليڊرشپ عمل ڪرايو آھي جيڪو پڻ پاڪستان ۾ ھڪ رڪارڊ آھي . ھن چيو ته ايندر اليڪشن ۾ مڊل ڪلاس ھندن کي به پارليامينٽ جو حصو بنائڻ کپي.
