ڄام شورو(پ ر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جي مان ۾ ڪراچي جي اديبن طرفان يونين ڪلب ڪراچي ۾ دعوت رکي وئي. جنهن ۾ شريڪ ڊاڪٽر فاطمه حسن، افضال سيد، نصير مرزا، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، تنوير انجم، انعام نديم، ريحانه چنڙ ، گلبدن جاويد، شاھه زمان ڀنگر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته بورڊ کي ادبي حوالي سان جديد ۽ متحرڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون، فنڊز جي کوٽ باوجود سنڌ جي تاريخي جديد لائبريري ۽ هاسٽل جي تعمير سميت اعلانيل منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته منهنجي ذاتي دلچسپي سان سنڌي ادبي بورڊ جي مک گيٽ کي سائين جي ايم سيد جي نالي سان منصوب ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو پنهنجو جهنڊو ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو نقشو لڳل آهي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ طرفان اردو ٻولي جي اديبن، شاعرن کي سنڌي ادبي بورڊ جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته سنڌي ۽ اردو ادبين، شاعرن ۽ دانشورن ۾ ويجهڙائي وقت جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ سينيئر ليکڪن، شاعرن، اديبن ۽ دانشور سان گڏجاڻي ۾ ڪيو۔ ان موقعي تي بورڊ جي بهتري جي حوالي سان مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو . ڪراچي جي اديبن ۽ صحافين پاران چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ مخدوم سعيد الزمان “عاطف” کي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پروگرام ڪرڻ جي سلسلي ۾ سھڪار ڪرڻ جي آڇ ڏني وئي.
