خيرپور (ڊ ر) خيرپور ضلعي جي سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽنڊو مير ڪرم ۾ 12 سالن جي نينگري بينظير لاشاري جي زبردستي شادي وڏي عمر واري گهوٽ سان ڪرائڻ واري ڳجهي اطلاع تي ايس ايڇ او سوڀوديرو اسلم دايو ٽيم سميت ڪاروائي ڪري گهوٽ غلام مصطفيٰ ملڪ ۽ نينگري جي ڀاءُ عاشق حسين لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، هن سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور خيرپور مير روحل خان کوسو رابطو ڪرڻ تي چيو ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ غيرقانوني عمل آهي، غيرقانوني عمل ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ کين قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.
