ڪراچي (پ ر) سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران سنڌ جي عظيم قومي ۽ بين الاقوامي شاعر، مفڪر ۽ سوشل سائنٽسٽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سُر ڪاپائتي“ تي سنڌ اڀياس اڪيڊمي ريسرچ آفيس، سوشل ولا، زيبسٽ 172 ڪئمپس، ڪلفٽن ڪراچيءَ ۾ اٺاوھين فڪري ويھڪ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ جويي ۽ امين جويي جي ميزباني ھيٺ ڪئي وئي، جنھن ۾ سينيئر قومپرست ڪارڪن ۽ لطيف سائين جي پارکو سائين بشير شاھ، سارنگ جويي، ڊاڪٽر خير بخش راڄپر، امين جويي شھربانو ڪاڪا، ڊاڪٽر سناگر جاگيراڻي، عشرت فاطمه، نسيم کھڙو، ورثا پيرزادو، سڪندر ميمڻ ۽ ٻين سُر ڪاپائتيءَ تي ڳالھائيندي چيو ته، ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سُر ڪاپائتي اھو سُر آھي، جنھن ۾ لطيف سائين پنھنجي دور جي ابتر اقتصادي حالتن جو ذڪر ڪيو آھي، ۽ انھن اقتصادي ابتر حالتن جو ذميوار ان وقت جي مغل اسٽيبلشمينٽ، ۽ ڪلھوڙن جي جاگيرداريت واري رَوش ۽ جنگي جنون، انتشار پسندي، ۽ پيرن، وڏيرن ۽ ملن جي توھم پرستي ۽ انتھاپسندي واري رَوش، اجايا مڙھيل ٽيڪس يعني رائر ۽ سامونڊي واپار تي قبضو ڪندڙ پورچيگيز ۽ انگريز ڌاڙيل ھُئا. لطيف سائين انھن حالتن جي نشاندھي ۽ انھن حالتن سان ۽ انھن سمورن دشمنن سان مقابلو ڪرڻ جون حڪمت عمليون ۽ ڏَسَ ته سُر گھاتو، سُر کاھوڙي، سُر رامڪلي، سُر يمن ڪلياڻ، سُر سھڻي، سُر ڪيڏاري، سُر سريراڳ ۾ ٻُڌايون آھن پر سُر ڪاپائتيءَ ۾ لطيف سائين ڪپڙي جي ٻُڏندڙ صنعت کي بچائڻ لاءِ ڪاپائتين کي سستي کي ڇڏڻ، پنھنجي ڪپڙي ڪَتڻ واري ڪِرت سان عشق جي انتھا ۽ ڪميٽميمٽ سان جاري رکڻ ۽ ان ۾ نفاست پيدا ڪرڻ سان گڏ واپار کي ڪامياب ڪرڻ جا گُر ۽ ڏَس ٻُڌائي ٿو ته، جَنين ڀيريو ھيڪلو، تَنين ميڙيو، ماءِ، تَندُ اھڙيءَ ساءِ، مون آتَڻُ ھَڏِ نه آئيو. يا جان ڪَتين تان ڪِتُ، ھيءَ ھَڏِ وِھاڻي، ڪاپائتي سَڀڪا، ڪِتي سيباڻي، ڄاتو جن ڄاڻي، تَن ھٿان پَھي نه ڇڏي. يا محبت پائي مَن ۾، رنڍا روڙيا جن، تَن جو صرافن، آڻ توريو اَگھايو. مطلب ھن سُر ۾ لطيف سائين چوي ٿو پنھنجي ڪپڙي اُڻڻ واري ڪِرت کي محبت سان، نفاست سان ڪيو ته صراف اوھان جو وَکر اڻ توريو ئي اَگھائي ڇڏيندو. لطيف سائين پنھنجي دور جو سماجي سائنسدان ۽ سونھون ھو، جيڪو ھر خطري کان نه صرف واقف ڪرائيندو ھو پر ان حل به ٻُڌائيندو آھي، ان ڪري اسان کي لطيف سائين کي نئين انداز سان پڙھڻ جي ضرورت آھي خاص طور تي سياسي ۽ اقتصادي نقطهءِ نظر سان اسان کي سُر ڪاپائتي، سُر سريراڳ، سُر سامونڊي، ۽ سُر گھاتو کي گڏائي پڙھڻ گھرجي تڏھن اسان لطيف سائين جي دور ۾ ٿيندڙ واپار، ان واپار مٿان لامارا ڏيندڙ خطرن ۽ حملن کان واقف ٿي سگھون ٿا ۽ لطيف سائين انھن سُرن جي ذريعي پنھنجي واپار ۽ ڪِرت سان محبت ڪرڻ ۽ انھن کي ڪمٽميمٽ سان نڀائڻ ۽ اقتصادي وسيلن تي ٿيندڙ حملن کان بچڻ ۽ انھن حملن سان حڪمت عملي سان مُنھن ڏيڻ ۽ مھاڏو اٽڪائڻ جا ڏَس ۽ گُر پڻ ڏئي ٿو.
