سکر(رپورٽ:مجيد نواز) سکر هندو سنگت جي سڏ تي سکر، روهڙي، ڪنڌرا ۽ خيرپور جي هندو برادري پاران سنگرار مان ٽي سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري ۽/هڪ هفتو اڳ ڪنڌرا مان اغوا ٿي ويل نوجوان ساحل ڪمار جي بازيابي لاء رنجيت ڪمار ماکيجه، هرداس ڪمار،سيلاب راء اوڏ, وديش ڪمار، لڇممڻ داس هندو نوجوان اتحاد خيرپور جي اڳواڻن دليپ ڪمار، تارا چند، گڏي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف روڊن جو گشت ڪندي سکر پريس ڪلب آڏو پھچي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، اتي مظاھرين زوردار نعريبازي ڪئي ۽ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو ته سکر ضلعي ۾ اقليتي برادري جي لاء ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي ٽي سال اڳ سنگرار مان ڏھ محرم الحرام تي معصوم نياڻي پريانڪا عرف پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن جو هن مهل تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پيو هنن چيو ته هڪ هفتو اڳ ڪنڌرا واري علائقي مان نوجوان ساحل ڪمار کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن جي بازيابي لاء سندس وارثن کان هڪ ڪروڙ روپيه ڀنگ گهريو ويو آهي جيڪو نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي نوجوان کي جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن هنن چيو ته پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ رڳو دلاسا ڏئي رهي آهي هنن چتاء ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ساحل ڪمار ۽ پريا ڪماري کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
