سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ ناري فائونڊيشن قدرتي آفتن دوران خواجہ سرائن کي امدادي ڪمن ۾ شامل ڪرڻ ۽ سھولتن جي حوالي سان پراجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيو.سکر۽ ڀرپاسي ۾ ناري فائونڊيشن، پيس اينڊ جسٽس نيٽ ورڪ پاڪستان جي سھڪار سان اسٽارٽ ڪيل پراجيڪٽ عنوان “رڪاوٽن کي ڳنڍڻ – خواجا سرائن کي ٻوڏ جي دوران سھولتن ۽ امدادي ڪمن ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان پراجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيو آھي. ان حوالي سان گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي. ناري فائونڊيشن جي چيئرپرسن افشان اصغر، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انور مھر, ٽرانس فيلو نوشي ۽ پروگرام آفيسر شازيا عباسي ٻڌايو ته ھن پروجيڪٽ تحت خواجا سرائن کي ٻوڏ يا قدرتي آفتن وقت امدادي ڪمن ۾ شموليت کي يقيني بڻايو ويندو. ان دوران ملندڙ سھولتن تائين خواجہ سرائن جي پھچ کي يقيني بڻايو ويندو. خواجا سرائن کي با اختيار بڻايو ويندو، جيئن اھي ٻوڏ دوران مڪمل تحفظ سان سموريون امدادي سھولتون وٺي سگھن،ان سلسلي ۾ مختلف سرڪاري ادارن ۽ سول سوسائٽي جي ادارن جنھن ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زبير مھر, انڊس ڪميو نٽي امپاورمينٽ فائونڊيشن جي پرويز سولنگي, ساحل جي صوبا ئي ڪوآرڊينيٽر برڪت انصاري,ايس ايس ڊي او سکر جي پروگرام آفيسر سعيد منڱرئي سان گڏجاڻيون ڪيون.خواجا سرا ڪميونٽي ان پراجيڪٽ تي سرھائي جو اظھار ڪندي ھر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو.
