اسلام آباد (بيورو) صدر عارف علوي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ مقرر وقت تي چونڊن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو. صدر عارف علوي طرفان وزيراعظم شهباز شريف نالي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل اختيارين کي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ مقرر وقت تي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد جي هدايت ڪئي وڃي. صدر خط ۾ لکيو آهي ته وزيراعظم توهين عدالت سميت ٻين ڏکيائين کان بچڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪري. خط ۾ صدر اهو به چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال ۽ مستقبل تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، تنهن ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي انساني حقن جي پامالي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته 2021 جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 180 ملڪن کان 145هين نمبر تي هو، هن سال جي قدمن سان پاڪستان جو درجو اڃا گهٽجندو.
